ملائشيا جي ڊجيٽل معيشت جو جي ڊي پي ۾ حصو 39 سيڪڙو تائين وڌي ويو، 5 لک ملازمتون پيدا ڪرڻ جو هدف

ڪوالالمپور _30 جون(اي پي پي) ملائيشيا پنهنجي ملڪ ۾ ڊيجيٽل 2030ع منصوبي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، جنهن تحت سال 2030ع تائين ڊجيٽل معيشت جو مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي ) ۾ حصو 30 سيڪڙو تائين وڌڻ ۽ پنج لک اعليٰ معيار جون ملازمتون پيدا ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ملائشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم ان منصوبي جو اعلان ڪندي ڊجيٽل وزارت کي …

ڪوالالمپور _30 جون(اي پي پي) ملائيشيا پنهنجي ملڪ ۾ ڊيجيٽل 2030ع منصوبي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، جنهن تحت سال 2030ع تائين ڊجيٽل معيشت جو مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي ) ۾ حصو 30 سيڪڙو تائين وڌڻ ۽ پنج لک اعليٰ معيار جون ملازمتون پيدا ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ملائشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم ان منصوبي جو اعلان ڪندي ڊجيٽل وزارت کي 2030ع تائين ملڪ کي مصنوعي ذهانت (اي آئي) تي ٻڌل رياست ۾ تبديل ڪرڻ جي ذميواري ڏني آهي. ڊجيٽل وزارت جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته ان منصوبي تحت حڪومتي ادارن جي ڊجيٽلائيزيشن ذريعي 4.5 ارب رنگٽ جي بچت حاصل ڪرڻ ۽ 95 سيڪڙو سرڪاري ملازمت مڪمل طور تي آن لائن فراهم ڪرڻ جو به هدف مقرر ڪيو ويو آهي. ڊجيٽل معاملن بابت اختيارين چيو آهي ته ملائيشيا ڊجيٽل 2030ع ملائشيا جي ترقياتي حڪمت عملي ۾ هڪ اهم تبديلي جي علامت آهي، جنهن تحت ملڪ رڳو ٽيڪنالاجي استعمال ڪندڙ نه پر مقامي سطح تي ڊجيٽل جدت پيدا ڪندڙ ملڪ بڻجي ويندو. ان منصوبي تي حڪومت، معيشت، بنيادي ڍانچي، افرادي سگهه، معاشري، اعتماد، سلامتي ۽ جدت تي ٻڌل 7 اسٽريٽجڪ ٿنڀن تحت عمل درآمد ڪيو ويندو.