ڪراچي- 29 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورنگي ۾ عورت تي تيزاب اڇلائڻ واري افسوسناڪ واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کان واقعي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وڏي وزير هدايت ڪئي آهي ته عورت تي تيزاب اڇلائيندڙ جوابدار کي فوري طور گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن چيو ته متاثر عورت کي انصاف فراهم …
سنڌ جي وڏي وزير پاران ڪورنگي ۾ عورت تي تيزاب اڇلائڻ واري افسوسناڪ واقعي جو نوٽيس، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي

مزید خبریں
ڪراچي- 29 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورنگي ۾ عورت تي تيزاب اڇلائڻ واري افسوسناڪ واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کان واقعي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وڏي وزير هدايت ڪئي آهي ته عورت تي تيزاب اڇلائيندڙ جوابدار کي فوري طور گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن چيو ته متاثر عورت کي انصاف فراهم ڪرڻ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ذميواري آهي. مراد علي شاهه لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته متاثر عورت کي فوري طور بهترين طبي سهولتون ۽ مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته تيزاب گردي جهڙي وحشي ۽ انسانيت لڄائيندڙ ڏوهه ۾ ملوث عنصر ڪنهن به رعايت جا حقدار ناهن، اهڙن ڏوهارين خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.










