ڪراچي- 29 جون (اي پي پي) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ڪورنگي ۾ عورت تي مبينا تيزاب گردي واري واقعي جو فوري نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ڪورنگي کان واقعي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.گهرو وزير هدايت ڪئي آهي ته واقعي جي سڀني پهلوئن تي شفاف، غيرجانبدار ۽ ميرٽ جي بنياد تي جاچ ڪئي وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن متاثر عورت جي درخواست تي ڪيس داخل …
سنڌ جي گهرو وزير ڪورنگي ۾ عورت تي مبينا تيزاب اڇلائڻ واري واقعي جو نوٽيس، ايس ايس پي ڪورنگي کان واقعي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي

مزید خبریں
ڪراچي- 29 جون (اي پي پي) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ڪورنگي ۾ عورت تي مبينا تيزاب گردي واري واقعي جو فوري نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ڪورنگي کان واقعي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.گهرو وزير هدايت ڪئي آهي ته واقعي جي سڀني پهلوئن تي شفاف، غيرجانبدار ۽ ميرٽ جي بنياد تي جاچ ڪئي وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن متاثر عورت جي درخواست تي ڪيس داخل نه ڪيو ويو آهي ته ان جا سبب فوري طور معلوم ڪري قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي. ضياءُ الحسن لنجار حڪم ڏنو ته نامزد جوابدار کي بنا دير گرفتار ڪيو وڃي. هن چيو ته عورت تي تيزاب اڇلائڻ جهڙي سنگين ڏوهه ۾ ملوث عنصرن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي. گهرو وزير وڌيڪ هدايت ڪئي ته متاثر عورت کي بهترين طبي سهولتون، مڪمل تحفظ ۽ هر ممڪن قانوني سهائتا فراهم ڪئي وڃي، جڏهن ته ثبوت گڏ ڪرڻ جو عمل قانون موجب، متاثر عورت جي عزت نفس ۽ سهولت کي نظر ۾ رکندي مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته عورتن خلاف تشدد ۽ تيزاب گردي جهڙا ڏوهه ناقابل برداشت آهن ۽ اهڙن عنصرن کي قانون جي گرفت ۾ آڻي سخت سزا ڏيارڻ لاءِ مضبوط چالان عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. هن اها پڻ هدايت ڪئي ته ڪيس جي اڳڀرائي بابت کيس مسلسل آگاهه رکيو وڃي.










