اسلام آباد- 29 جون (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پاڪستان پيپلز پارٽي ڊيره اسماعيل خان جي پراڻي ڪارڪن چاچا نذر محمد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سومر ڏينهن پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته مرحوم جي پيپلز پارٽي سان محبت مثالي هئي، هو مخلص جانثار ڪارڪن ئي نه پر نوجوان ورڪرن لاءِ حوصلو ۽ مثال هو. هن چيو …
گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پاران پي پي پي جي ڪارڪن چاچا نذر محمد جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد- 29 جون (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پاڪستان پيپلز پارٽي ڊيره اسماعيل خان جي پراڻي ڪارڪن چاچا نذر محمد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سومر ڏينهن پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته مرحوم جي پيپلز پارٽي سان محبت مثالي هئي، هو مخلص جانثار ڪارڪن ئي نه پر نوجوان ورڪرن لاءِ حوصلو ۽ مثال هو. هن چيو ته چاچا نذر محمد جي لاڏاڻي سان پارٽي هڪ مخلص بزرگ کان محروم ٿي وئي آهي. هن مرحوم جي مغفرت، درجن جي بلندي ۽ پوئينرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.










