اسلام آباد- 29 جون (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان پاڪستان ٽريول مارٽ (پي ٽي ايم) جي سي اي او سيد محمد علي همداڻي گورنر هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صوبي ۾ سياحت کي هٿي وٺرائڻ، سيڙپڪاري جي موقعن ۽ صوبي جي بي شمار سياحتي هنڌن کي قومي ۽ عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سومر …
خيبر پختونخوا جي گورنر سان پاڪستان ٽريول مارٽ جي سي اي او جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 29 جون (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان پاڪستان ٽريول مارٽ (پي ٽي ايم) جي سي اي او سيد محمد علي همداڻي گورنر هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صوبي ۾ سياحت کي هٿي وٺرائڻ، سيڙپڪاري جي موقعن ۽ صوبي جي بي شمار سياحتي هنڌن کي قومي ۽ عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سومر ڏينهن گورنر آفيس مان جاري بيان مطابق سيد محمد علي همداڻي، گورنر کي پاڪستان ٽريول مارٽ جي گذريل ڪامياب سرگرمين، عالمي ڀائيوارين ۽ پاڪستان ۾ سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪيل ڪاوشن کان آگاهه ڪيو. هن مستقبل جي منصوبن تي به روشني وڌي، جنهن ۾ خيبر پختونخوا ۾ حڪومت جي ڀائيواري سان هڪ وڏو سياحتي ايونٽ منعقد ڪرڻ جي تجويز شامل آهي. ان ايونٽ جو مقصد صوبي جي قدرتي حسن، ثقافتي ورثي، سياحتي هنڌن ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ آهي. ان موقعي تي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پاڪستان ٽريول مارٽ جي خدمتن ۽ سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هن جي ڪردار کي ساراهيو ۽ هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي.











