ڪراچي-29 جون (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ ڪراچي جي ترقي، خوشحالي ۽ عوام کي بنيادي سھولتن جي فراھمي سنڌ حڪومت جي پھرين ترجيح آھي، بجيٽ 27-2026ع ۾ ڪراچي لاءِ 100 ارب روپين کان وڌيڪ رقم رکي وئي آھي. سومر ڏينهن پنهنجي ھڪ بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ڪراچي لاءِ رکيل فنڊز …
بجيٽ ۾ ڪراچي لاءِ 100 ارب روپين کان وڌيڪ رقم رکي وئي آھي: شرجيل انعام ميمڻ

مزید خبریں
ڪراچي-29 جون (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ ڪراچي جي ترقي، خوشحالي ۽ عوام کي بنيادي سھولتن جي فراھمي سنڌ حڪومت جي پھرين ترجيح آھي، بجيٽ 27-2026ع ۾ ڪراچي لاءِ 100 ارب روپين کان وڌيڪ رقم رکي وئي آھي. سومر ڏينهن پنهنجي ھڪ بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ڪراچي لاءِ رکيل فنڊز پاڻي جي فراھمي، گندي پاڻي جي نيڪال، روڊن جي تعمير ۽ بحالي ۽ ٻين عوامي سھولتن تي خرچ ڪيا ويندا، پاڪستان پيپلز پارٽي نعرن نھ پر عوامي خدمت جي سياست تي يقين رکي ٿي، ڪراچي جي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ اسان جي ذميواري ۽ عزم آھي. ھن چيو تھ ڪراچي جي عوام جي سڀني کان وڏي ضرورت جديد، محفوظ ۽ باوقار سفري سھولتون آھن، حڪومت کي اُن جو ادراڪ آھي، سنڌ حڪومت عوام جي سفري ضرورتن جي پورائي لاءِ تاريخي قدم کڻي رھي آھي، 500 جديد اليڪٽرڪ بسون ۽ ڊبل ڊيڪر بسون جلد ڪراچي جي روڊن تي ھلندي نظر اينديون. هن چيو تھ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ سنڌ حڪومت جي معاشي حڪمت عملي جو اھم ٿنڀ آھي، بجيٽ ۾ نوجوانن جي روشن مستقبل کي خاص اھميت ڏني وئي آھي، صنعتي زونز، ترقياتي رٿائون، ٽرانسپورٽ اسڪيمون ۽ بنيادي ڍانچي جي وڏن منصوبن ذريعي ھزارين نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان دروازا کُلندا. ھن چيو تھ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سياست جو مرڪز سدائين عام ماڻھو، پورھيت، ھاري، نوجوان ۽ وچولو طبقو رھيو آھي، سنڌ حڪومت وسيلن کي عوام جي معيار، زندگي کي بھتر بڻائڻ، روزگار، تعليم، صحت ۽ جديد شھري سھولتن جي فراھمي تي خرچ ڪري رھي آھي. شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو تھ ڪجھھ ماڻهو سياسي مقصدن لاءِ ڪراچي ۽ سنڌ جو ناڪاري تاثر پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن، عوام ترقياتي منصوبن، بھتر ٽرانسپورٽ، جاري تعميراتي ڪمن ۽ عوامي ڀلائي وارن قدمن کي پنھنجي اکين سان ڏسي رھيو آھي، عوام ڄاڻي ٿي تھ سنڌ حڪومت ڏکيائين باوجود وسيلن کي عوام جي ڀلائي تي خرچ ڪري رھي آھي. ھن چيو تھ مالي سال 27-2026ع جي بجيٽ رڳو انگن اکرن جو مجموعو نھ پر روشن مستقبل، بھتر روزگار ۽ ھڪ خوشحال سنڌ ڏانھن عملي اڳڀرائي واري بجيٽ آھي.











