سنڌ جي گورنر جي شهيد محمد وسيم جي گهر آمد، سندس پونئيرن سان تعزيت جو اظهار

ڪراچي- 29 جون (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي ايئر پورٽ سيڪيورٽي فورس (اي ايس ايف) جي ڊپٽي ڊائريڪٽر شهيد محمد وسيم جي گهر وڃي سندس ڌيئرن، ڀائرن، ڀينرن ۽ ٻين گهرڀاتين سان تعزيت ۽ عقيدت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي گورنر چيو ته وطن جي دفاع ۽ عوام جي تحفظ لاءِ پنهنجن جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيد پوري قوم جو فخر آهن. هن …

ڪراچي- 29 جون (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي ايئر پورٽ سيڪيورٽي فورس (اي ايس ايف) جي ڊپٽي ڊائريڪٽر شهيد محمد وسيم جي گهر وڃي سندس ڌيئرن، ڀائرن، ڀينرن ۽ ٻين گهرڀاتين سان تعزيت ۽ عقيدت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي گورنر چيو ته وطن جي دفاع ۽ عوام جي تحفظ لاءِ پنهنجن جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيد پوري قوم جو فخر آهن. هن چيو ته شهيدن جون قربانيون قوم جو عظيم سرمايو آهن ۽ سندن خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. هن چيو ته ڏک ۽ آزمائش جي هن گهڙي ۾ حڪومت شهيدن جي ڪٽنبن کي ڪنهن به صورت اڪيلو نه ڇڏيندي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيد محمد وسيم جا بلند درجا عطا فرمائي، سندس مغفرت ڪري ۽ ڪٽنب کي صبر عطا فرمائي.

مزید خبریں