بيلا روس جي قومي خودمختياري، آزادي ۽ علائقائي سلامتي جي تحفظ جي حمايت ڪريون ٿا: چين جو صدر

بيجنگ-29 جون (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي ته چين ۽ بيلاروس کي پنهنجن اسٽريٽجڪ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ گهرجي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه هن بيلا روس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو سان بيجنگ ۾ ملاقات دوران چئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي صدر چيو ته چين ۽ بيلا روس کي ٻه طرفا لاڳاپن، جيڪي اڳ ۾ ئي بهترين آهن، کي مسلسل اڳتي وڌائڻ …

بيجنگ-29 جون (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي ته چين ۽ بيلاروس کي پنهنجن اسٽريٽجڪ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ گهرجي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه هن بيلا روس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو سان بيجنگ ۾ ملاقات دوران چئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي صدر چيو ته چين ۽ بيلا روس کي ٻه طرفا لاڳاپن، جيڪي اڳ ۾ ئي بهترين آهن، کي مسلسل اڳتي وڌائڻ گهرجي ته جيئن ٻنهي ملڪن جي عوام کي وڌيڪ فائدو پهچي. هن چيو ته چين بيلا روس جي قومي خودمختياري، آزادي ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي حمايت ڪري ٿو ۽ ان جي قومي حالتن سان هم آهنگ ترقي جي رستي جي به تائيد ڪري ٿو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن کي مختلف شعبن جا وسيلا استعمال ڪندي بيلٽ اينڊ روڊ سهڪار کي هٿي ڏيڻ گهرجي ۽ گهڻ رخي فورمز ۾ گڏيل رابطي ۽ سهڪار کي مضبوط بڻائڻ گهرجي ته جيئن موجوده غير يقيني عالمي صورتحال ۾ استحڪام پيدا ڪندڙ قوت جو ڪردار ادا ڪري سگهجي.