بيجنگ-29 جون (اي پي پي) چين جي شين زو-23 خلائي مشن جي ٽنهي خلا بازن زويانگ زو، زانگ زي يوان ۽ لي جياينگ تيان گونگ خلائي اسٽيشن تي پنهنجو پهريون مهينو مڪمل ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي انساني خلائي ايجنسي (سي ايم ايس اي) پاران جاري وڊيو مطابق خلا بازن جي هڪ مهيني تي ٻڌل خلائي مشن جي نمايان سرگرمين ۾ پهريون ڀيرو خلا ۾ ڪدو پچائي …
چين جي شين زو-23 جي خلابازن تيان گونگ خلائي اسٽيشن تي پهريون مهينو مڪمل ڪري ورتو

مزید خبریں
بيجنگ-29 جون (اي پي پي) چين جي شين زو-23 خلائي مشن جي ٽنهي خلا بازن زويانگ زو، زانگ زي يوان ۽ لي جياينگ تيان گونگ خلائي اسٽيشن تي پنهنجو پهريون مهينو مڪمل ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي انساني خلائي ايجنسي (سي ايم ايس اي) پاران جاري وڊيو مطابق خلا بازن جي هڪ مهيني تي ٻڌل خلائي مشن جي نمايان سرگرمين ۾ پهريون ڀيرو خلا ۾ ڪدو پچائي کائڻ جو تجربو به شامل آهي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته خلا باز ڪدو جي ٽڪڙن کي خلائي اوون ۾ رکي تيار ڪن ٿا، جنهن سان خلائي اسٽيشن تي گهريلو ماحول جي جهلڪ ڏسڻ ۾ آئي. گذريل هڪ هفتي دوران عملي مختلف سائنسي تجربا به ڪيا. خلائي طب جي شعبي ۾ هنن الٽراسائونڊ تشخيص واري اوزار ذريعي هڪ ٻئي جي ڳچي، ڪرائي ۽ پيٽ جو معائنو ڪيو. خلا بازن خلائي روبوٽ سان به مختلف تجرباتي سرگرمين ۾ حصو ورتو جن مان حاصل ٿيل ڊيٽا مدار ۾ ڪم ڪندڙ روبوٽس جي حرڪت کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڏيندو. واضح رهي ته چين 24 مئي تي شين زو-23 انسان بردار خلائي جهاز روانو ڪيو هو. ان مشن ۾ هڪ سال تائين اتي ترسڻ جو تجربو به شامل آهي، جنهن ذريعي مستقبل جي ڊگهي عرصي وارن خلائي مشنز لاءِ اهم معلومات حاصل ٿيندي.











