ڪيليفورنيا _29 جون (اي پي پي) آمريڪي خلائي ڪمپني اسپيس ايڪس ڪيليفورنيا جي وينڊن برگ اسپيس فورس بيس تان فالڪن 9 راڪٽ ذريعي 24 اسٽارلنڪ سيٽلائٽ ڪاميابي سان خلا ۾ موڪلي ڇڏيا . پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪمپني پاران جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته راڪٽ جي پهرين مرحلي جو بوسٽر ماٺي سمنڊ ۾ موجود ڊرون شپ تي ڪاميابي سان واپس لٿو ، جنهن سان ان جي ٻيهر استعمال جوڳي لانچ …
اسپيس ايڪس فالڪن 9 راڪٽ ذريعي 24 اسٽارلنڪ سيٽلائيٽ خلا ۾ موڪلي ڇڏيا

مزید خبریں
ڪيليفورنيا _29 جون (اي پي پي) آمريڪي خلائي ڪمپني اسپيس ايڪس ڪيليفورنيا جي وينڊن برگ اسپيس فورس بيس تان فالڪن 9 راڪٽ ذريعي 24 اسٽارلنڪ سيٽلائٽ ڪاميابي سان خلا ۾ موڪلي ڇڏيا . پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪمپني پاران جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته راڪٽ جي پهرين مرحلي جو بوسٽر ماٺي سمنڊ ۾ موجود ڊرون شپ تي ڪاميابي سان واپس لٿو ، جنهن سان ان جي ٻيهر استعمال جوڳي لانچ پروگرام جو هڪ ٻيو مرحلو ڪاميابي سان مڪمل ٿيو. ان مشن جو مقصد اسٽارلنڪ سيٽلائٽ نيٽ ورڪ کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ، خاص طور تي ڏورانهن علائقن ۾ تيز رفتار انٽرنيٽ جي فراهمي بهتر بڻائڻ ۽ مستقل ۾ خصوصي صارف ٽرمينلز بنا سڌيءَ ريت موبائل فون سان رابطو (ڊائريڪٽ ٽوسيل ڪنيڪٽويٽي) جي سهولت متعارف ڪرائڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي.











