ڪراڪس – 27 جون (اي پي پي) اربع جي رات آيل ٻن لاڳاتار زلزلن کانپوءِ جمعي تي مائٽن جي ڳولا لاءِ وينزويلا جا شهري پاڻ ميدان ۾ لهي آيا. پرڏيهي ميڊيا مطابق شهرين جو چوڻ هو ته سرڪاري امدادي ٽيمون نه هجڻ جي برابر آهن. ان تباهي ۾ فوتين جو انگ وڌي گهٽ ۾ گهٽ 920 ٿي ويو آهي جڏهن ته 51 هزار کان وڌيڪ ماڻهو گم آهن. اربع تي …
وينزويلا: زلزلي سبب فوتين جو انگ هڪ هزار ويجهو، گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا جاري

مزید خبریں
ڪراڪس – 27 جون (اي پي پي) اربع جي رات آيل ٻن لاڳاتار زلزلن کانپوءِ جمعي تي مائٽن جي ڳولا لاءِ وينزويلا جا شهري پاڻ ميدان ۾ لهي آيا. پرڏيهي ميڊيا مطابق شهرين جو چوڻ هو ته سرڪاري امدادي ٽيمون نه هجڻ جي برابر آهن. ان تباهي ۾ فوتين جو انگ وڌي گهٽ ۾ گهٽ 920 ٿي ويو آهي جڏهن ته 51 هزار کان وڌيڪ ماڻهو گم آهن. اربع تي آيل انهن زلزلن جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 7.2 ۽ 7.5 جئي. امداد جي کوٽ متاثر خاندانن جي ڏکيائين ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته هر گذرندڙ ڪلاڪ سان ڀنجو هاٺين دٻيل ماڻهن کي زنده ڪڍڻ جي اميد گهٽجي رهي آهي. ان سانحي کي جمعي تائين اٽڪل ٻه ڏينهن ٿي چڪا هئا. امدادي ادارن مطابق شروعاتي 48 کان 72 ڪلاڪ زندن ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ انتهائي اهم هوندا آهن ۽ خوراڪ ۽ پاڻي جي دستيابي جي صورت ۾ اهو مدو وڌي به سگهي ٿو. پناهگيرن جي عالمي اداري مطابق اٽڪل 67 لک ماڻهو متاثر ٿي سگهن ٿا، جن مان 20 لک رڳو گادي واري شهر ڪراڪس ۾ آهن.











