گڏيل عرب امارات ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن جو رابطو، آبنائي هرمز ۾ آزاد بحري اچ وڃ تي زور

دبئي – 27 جون (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزير شيز عبدالله بن زايد النهيان پنهنجي ايراني هم منصب عباس عراقچي سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڳالهه ٻولهه دوران عبدالله بن زايد النهيان مفاهمتي يادداشت جي سمورن شقن تي مڪمل عمل جي اهميت تي زور ڀريو، جنهن ۾ خطي ۾ ڇڪتاڻ …

دبئي – 27 جون (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزير شيز عبدالله بن زايد النهيان پنهنجي ايراني هم منصب عباس عراقچي سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڳالهه ٻولهه دوران عبدالله بن زايد النهيان مفاهمتي يادداشت جي سمورن شقن تي مڪمل عمل جي اهميت تي زور ڀريو، جنهن ۾ خطي ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي کي يقيني بڻائڻ به شامل آهي. هن چيو ته رياستن جي خودمختياري جو احترام، سٺن پاڙيسرين جي اصولن جي پاسداري، عالمي قانونن تي سختي سان عمل ۽ سامونڊي رستن جو تحفظ نهايت ضروري آهي. هن عالمي بحري اچ اڃ جي آزادي، خاص طور تي آبنائي هرمز ۾ بنا رڪاوٽ چر پر کي يقيني بڻائڻ تي به زور ڀريو. عبدالله بن زايد ان اميد جو اظهار به ڪيو ته جاري آمريڪا- ايران ڳالهيون هاڪاري نتيجا ڏينديون ۽ خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام قائم ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته سنجيده سفارتڪاري ۽ ذميوراڻيون ڳالهيون ئي علائقائي ۽ عالمي بحرانن جي حل جو بهترين ذريعو آهن.

مزید خبریں