منامه-27 جون (اي پي پي) بحرين، روس ۽ يوڪرين وچ ۾ قيدين جي مٽا سٽا لاءِ گڏيل عرب امارات جي ڪامياب ٽياڪڙي جي آجيان ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جي 320 قيدين جي مٽا سٽا ممڪن ٿي. پرڏيهي ميڊيا مطابق بحرين جي پرڏيهي وزارت مان جاري بيان ۾ ان اڳڀرائي کي هڪ هاڪاري انساني قدم قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته اها ڇڪتاڻ ۾ گهٽتا ئي جي ڪوششن کي …
بحرين پاران روس ۽ يوڪرين قيدين جي مٽا سٽا ۾ اماراتي ٽياڪڙي جي آجيان

مزید خبریں
منامه-27 جون (اي پي پي) بحرين، روس ۽ يوڪرين وچ ۾ قيدين جي مٽا سٽا لاءِ گڏيل عرب امارات جي ڪامياب ٽياڪڙي جي آجيان ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جي 320 قيدين جي مٽا سٽا ممڪن ٿي. پرڏيهي ميڊيا مطابق بحرين جي پرڏيهي وزارت مان جاري بيان ۾ ان اڳڀرائي کي هڪ هاڪاري انساني قدم قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته اها ڇڪتاڻ ۾ گهٽتا ئي جي ڪوششن کي هٿي ڏيڻ ۽ يوڪرين بحران جي پرامن حل جي امڪانن کي هٿي وٺرائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. وزارت گڏيل عرب امارات جي سفارتي ۽ انساني همدردي تي ٻڌل ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته يوڪرين بحران جي شروعات کان هاڻي تائين امارات 25 ٽياڪڙي قدمن ذريعي 7 هزار 791 قيدين جي آزادي ۾ مدد ڪري چڪو آهي. بيان ۾ بحرين جنگ جي خاتمي، انساني بحران جي اثرن ۾ گهٽتائي ۽ علائقائي، عالمي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڳالهين ۽ پرامن ذريعن تي ٻڌل تمام علائقائي ۽ عالمي ڪوششن جي حمايت جو ورجاءُ به ڪيو.











