اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان اسٽيٽ لائف انشورنس ڪارپوريشن جي چيئرمين شعيب حسين ملاقات ڪئي. ڇنڇر تي گورنر آفيس مان جاري بيان مطابق ملاقات دوران اسٽيٽ لائف انشورنس ڪارپوريشن جي مجموعي ڪارڪردگي، خاص طور تي خيبرپختونخوا ۾ صحت جي شعبي ۾ فراهم ڪيل سهولتن تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي اسٽيٽ لائف جي پهرين اسلامي …
خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان اسٽيٽ لائف انشورنس ڪارپوريشن جي چيئرمين شعيب حسين جا ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان اسٽيٽ لائف انشورنس ڪارپوريشن جي چيئرمين شعيب حسين ملاقات ڪئي. ڇنڇر تي گورنر آفيس مان جاري بيان مطابق ملاقات دوران اسٽيٽ لائف انشورنس ڪارپوريشن جي مجموعي ڪارڪردگي، خاص طور تي خيبرپختونخوا ۾ صحت جي شعبي ۾ فراهم ڪيل سهولتن تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي اسٽيٽ لائف جي پهرين اسلامي انشورنس شعبي تڪافل ۽ هيلٿ زون جي ڪارڪردگي ۽ عوام کي فراهم ڪيل خدمتن جو به جائزو ورتو ويو. ملاقات ۾ خيبرپختونخوا ۾ اسٽيٽ لائف جي مختلف شعبن ذريعي عوام کي فراهم ڪيل سهولتن جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪرڻ ۽ خدمتن کي اثرائتو بڻائڻ جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي عوام ڀلائي لاءِ اسٽيٽ لائف جي خدمتن کي ساراهيندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته ادارو مستقبل ۾ به صوبي جي عوام کي بهتر ۽ معياري سهولتن جي فراهمي لاءِ پنهنجو ڪردار وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ ادا ڪندو.











