لاڙڪاڻو رائيس ڪينال ۾ وهنجندي نوجوان ٻڏي فوت

لاڙڪاڻو- 27 جون (اي پي پي) لاڙڪاڻي شهر جي لهر ڪالوني جو رهواسي 20 سالن جو نوجوان مزمل ولد منير احمد شيخ مبينا طور شهر مان گذرندڙ رائيس ڪئنال ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي ويو، جنهن جو لاش هن وقت تائين هٿ ناهي اچي سگهيو، جنهن سبب سندس گهر ۾ قهرام متل آهي. ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي نوجوان جي والد منير احمد شيخ ٻڌايو ته منهنجو 20 سالن جو …

لاڙڪاڻو- 27 جون (اي پي پي) لاڙڪاڻي شهر جي لهر ڪالوني جو رهواسي 20 سالن جو نوجوان مزمل ولد منير احمد شيخ مبينا طور شهر مان گذرندڙ رائيس ڪئنال ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي ويو، جنهن جو لاش هن وقت تائين هٿ ناهي اچي سگهيو، جنهن سبب سندس گهر ۾ قهرام متل آهي. ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي نوجوان جي والد منير احمد شيخ ٻڌايو ته منهنجو 20 سالن جو نوجوان پٽ مزمل شيخ گذريل 10 محرم الحرام جي ڏينهن رسول آباد پاڙي وٽ رائيس ڪئنال ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي ويو آهي، اهڙو اطلاع اسان ريسڪيو آفيس 1122 پهچي عملي کي ڏنوسين، پر هن وقت تائين ريسڪيو عملو اسان وٽ ناهي پهتو، جنهن ڪري پٽ جو لاش ناهي ملي سگهيو، جڏهن ته اڄ ريسڪيو آفيس مان صرف هڪڙو ماڻهو آيو آهي، جيڪو به پاڻي ۾ لهڻ کان پوءِ هٿين خالي ٻاهر نڪتو آهي جيڪا سراسر ناانصافي آهي. هن سنڌ حڪومت، ضلعي انتظاميه، لاڙڪاڻي جي چونڊيل نمائندن سميت ريسڪيو 1122 جي چيئرمين کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ٻڏي فوت ٿي ويل پٽ جي لاش جي ڳولا ۾ اسان جي مدد ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.

مزید خبریں