يومِ عاشورا حق، صبر، ثابت قدمي، ايثار ۽ قرباني جي عظيم جذبن جي ياد ڏياري ٿو: سنڌ جو گورنر

ڪراچي-26 جون (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي يومِ عاشورا جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته يومِ عاشورا حق، صبر، ثابت قدمي، ايثار ۽ قرباني جي عظيم جذبن جي ياد ڏياري ٿو. حضرت امام حسين رضه ۽ سندن ساٿين جون لازوال قربانيون هميشه ياد رهنديون. گورنر چيو ته ڪربلا واقعو ظلم، جبر ۽ باطل جي خلاف ڄمي بيهڻ، حق ۽ سچائي جو …

ڪراچي-26 جون (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي يومِ عاشورا جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته يومِ عاشورا حق، صبر، ثابت قدمي، ايثار ۽ قرباني جي عظيم جذبن جي ياد ڏياري ٿو. حضرت امام حسين رضه ۽ سندن ساٿين جون لازوال قربانيون هميشه ياد رهنديون. گورنر چيو ته ڪربلا واقعو ظلم، جبر ۽ باطل جي خلاف ڄمي بيهڻ، حق ۽ سچائي جو جهنڊو بلند رکڻ ۽ اصولن تي ثابت قدم رهڻ جو لازوال سبق ڏئي ٿو. حضرت امام حسين رضه ۽ سندن وفادار ساٿين اسلام جي سربلندي، عدل ۽ انصاف جي قيام ۽ انساني قدرن جي تحفظ لاءِ عظيم قربانيون پيش ڪيون، جن کي تاريخ هميشه سونهري اکرن ۾ ياد رکندي.سيد محمد نهال هاشمي چيو ته يومِ عاشورا اسان کي اتحاد، ڀائيچاري، رواداري، صبر، ايثار ۽ گڏيل احترام کي هٿي ڏيڻ جو درس ڏئي ٿو. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان کي اهو عهد ڪرڻ گهرجي ته حضرت امام حسين رضه جي تعليم ۽ سيرت مان رهنمائي حاصل ڪندي پنهنجي معاشري ۾ محبت، هم آهنگي، انصاف ۽ ڀائيچاري کي هٿي ڏينداسين.گورنر وڌيڪ چيو ته ڪربلا جي شهيدن جون قربانيون انسانيت لاءِ همت، عزم، وفاداري ۽ حق تي قائم رهڻ جو روشن مثال آهن. سندن عظيم جدوجهد هر دور ۾ حق جو ساٿ ڏيڻ ۽ باطل جي خلاف آواز بلند ڪرڻ جو حوصلو عطا ڪري ٿي.هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان کي حضرت امام حسين رضه جي سيرت ۽ تعليم مان رهنمائي حاصل ڪرڻ، حق ۽ انصاف جي راهه تي هلڻ ۽ ملڪ ۽ قوم جي خلوص سان خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. گورنر يومِ عاشورا جي موقعي تي پاڪستان جي سلامتي، استحڪام، ترقي، خوشحالي ۽ قومي يڪجهتي لاءِ پڻ خاص دعائون ڪيون.

مزید خبریں