يومِ عاشور جي موقعي تي سڄي صوبي ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ فول پروف سڪيورٽي انتظام ڪيا ويا: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي-26 جون (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته يومِ عاشور جي موقعي تي سڄي صوبي ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ فول پروف سڪيورٽي انتظام ڪيا ويا آهن. سنڌ حڪومت، پوليس ۽ سمورا لاڳاپيل ادارا مجلسن ۽ مرڪزي جلوسن جي سڪيورٽي لاءِ مڪمل طور تي تحرڪ ۾ آهن. ڪراچي سميت سنڌ جي سمورن حساس ضلعن ۾ سيڪيورٽي پلان تي مڪمل عملدرآمد ڪيو پيو …

ڪراچي-26 جون (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته يومِ عاشور جي موقعي تي سڄي صوبي ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ فول پروف سڪيورٽي انتظام ڪيا ويا آهن. سنڌ حڪومت، پوليس ۽ سمورا لاڳاپيل ادارا مجلسن ۽ مرڪزي جلوسن جي سڪيورٽي لاءِ مڪمل طور تي تحرڪ ۾ آهن. ڪراچي سميت سنڌ جي سمورن حساس ضلعن ۾ سيڪيورٽي پلان تي مڪمل عملدرآمد ڪيو پيو وڃي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سڄي سنڌ ۾ يومِ عاشور جي موقعي تي 1 هزار 292 مرڪزي جلوسن ۽ 1 هزار 637 مجلسن لاءِ خاص سيڪيورٽي پلان جوڙيو ويو آهي، جڏهن ته مجموعي طور تي 59 هزار 265 پوليس آفيسر ۽ اهلڪارسيڪيورٽي فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن.هن چيو ته ڪراچي رينج ۾ 114 جلوسن ۽ 489 مجلسن جي سڪيورٽي لاءِ 6 هزار 843 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته حيدرآباد ۾ 17 هزار 949، ميرپورخاص ۾ 3 هزار 156، شهيد بينظيرآباد ۾ 6 هزار 476، سکر ۾ 9 هزار 86 ۽ لاڙڪاڻو رينج ۾ 15 هزار 755 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار سڪيورٽي تي مقرر آهن. سينيئر وزير چيو ته مرڪزي جلوسن جي نگراني لاءِ ڊي آئي جي سطح جي آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس ڪمانڊر فليڊ ۾ موجود رهي سڪيورٽي انتظامن جي نگراني ڪري رهيا آهن. سمورن روٽس جي نگراني جديد طريقن سان ڪئي پئي وڃي ۽ پوليس، رينجرز ۽ ٻيا قانون نافذ ڪندڙ ادارا پاڻ ۾ رابطي ذريعي پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حساس علائقن ۾ جلوس جي لنگهه وارن رستن جي بم ڊسپوزل اسڪواڊ ذريعي مڪمل سوئپنگ ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي مدد لاءِ پاڪ فوج ۽ پاڪستان رينجرز سنڌ جا جوان پڻ مقرر ڪيا ويا آهن. پاڪ فوج جا جٿا ۽ رينجرز اهلڪار حساس هنڌن ۽ اهم جلوسن جي سڪيورٽي ۾ مدد فراهم ڪري رهيا آهن.هن چيو ته سڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي جلوس جي رستن سان ملندڙ گهٽين، مارڪيٽن ۽ دڪانن کي عارضي طور سيل ڪيو ويو آهي. يومِ عاشور جي مرڪزي جلوسن جي مانيٽرنگ لاءِ آفيسرن کي خاص ذميواريون سونپيون ويون آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح عوام جي جان و مال جو تحفظ ۽ امن امان کي يقيني بڻائڻ آهي. سمورن ادارن کي هدايتون ڏنيون ويون آهن ته سڪيورٽي انتظامن ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته حضرت امام حسين رضه ۽ سندن ساٿين جي قرباني اسان کي صبر، برداشت، حق ۽ امن جو درس ڏئي ٿي. سمورن شهرين کي اپيل آهي ته اهي امن ۽ ڀائيچاري کي هٿي ڏين ۽ انتظاميا توڙي قانون نافذ ڪندڙ ادارن سان مڪمل سھڪار ڪن.

مزید خبریں