سنڌ جي وڏي وزير پاران 10 محرم الحرام جي موقعي تي سي بريز پلازا مان نڪرندڙ عاشوري جي جلوس ۾ شرڪت

ڪراچي-26 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڏھين محرم الحرام جي موقعي تي سي بريز پلازا مان نڪرندڙ عاشوري جي جلوس ۾ شرڪت ڪئي ۽ جلوس جي قيادت ڪندي عزادارن سان ٻڌيءَ جو اظهار ڪيو. هنن حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندن وفادار ساٿين جي عظيم قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير سعيد غني ۽ سينيٽر وقار مهدي …

ڪراچي-26 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڏھين محرم الحرام جي موقعي تي سي بريز پلازا مان نڪرندڙ عاشوري جي جلوس ۾ شرڪت ڪئي ۽ جلوس جي قيادت ڪندي عزادارن سان ٻڌيءَ جو اظهار ڪيو. هنن حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندن وفادار ساٿين جي عظيم قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير سعيد غني ۽ سينيٽر وقار مهدي پڻ وزيراعليٰ سان گڏ هئا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي وڏي وزير چيو ته ڪربلا جو پيغام اهو آهي ته مسلمان سدائين سچ ۽ حق تي ثابت قدم رهن ۽ ڪنهن به چڱي ڪم لاءِ سِر جو ٻليدان (قرباني) ڏيڻ کان ڪنڌ نه ڪڍن. هن چيو ته اسان کي هميشه حق ۽ انصاف جو ساٿ ڏيڻ گهرجي ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن به قربانيءَ کان پاسو نه ڪرڻ گهرجي. وڏي وزير محرم الحرام دوران امن امان برقرار رکڻ ۾ تعاون تي جلوسن جي منتظمن، عالم سڳورن، رضاڪارن، سرڪاري اختيارين ۽ شهرين جو شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته محرم الحرام لاءِ سيڪيورٽي ۽ انتظامي انتظامن جو جائزو وٺڻ ۽ انهن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪيتريون ئي گڏجاڻيون منعقد ڪيون ويون. هن سال محرم الحرام دوران پيش آيل ڪجهه افسوسناڪ واقعن جو ذڪر ڪندي مراد علي شاهه چيو ته ڊيفنس ۾ هڪ گاڏي حادثاتي طور هڪ امام بارگاهه جي احاطي ۾ داخل ٿي وئي جڏهن ته شڪارپور ۾ بجليء جي تارن سان علم ٽڪرائجڻ سبب ڪجهه عزادار شهيد ٿي ويا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته روهڙيءَ ۾ شمعِ گل جي جلوس دوران پڻ چار عزادار جان جي بازي هاري ويا. هن چيو ته اهي واقعا ان ڳالهه جي نشاندهي ڪن ٿا ته آئندي اهڙن سانحن کان بچڻ لاءِ اسان کي پنهنجي انتظامن ۽ احتياطي قدمن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ بابت هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پنهنجون ڪوششون جاري رکيون پيا اچن پر هوءَ اڃا تائين بازياب ناهي ٿي سگهي. مراد علي شاهه چيو ته محرم الحرام دوران ڪنهن خاص سيڪيورٽي خطري جو اطلاع نه هو پر پاڪستان جا دشمن هميشه بدامني پکيڙڻ جي موقعن جي تلاش ۾ رهندا آهن. هن زور ڏنو ته جلوسن جا منتظم، حڪومتي نمائندا، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ ميڊيا ملي ڪري ڪم ڪن ته جيئن شرپسند عناصر کي امن امان خراب ڪرڻ جو ڪو موقعو نه ملي سگهي. وڏي وزير سڄي صوبي ۾ مجموعي سيڪيورٽي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ملڪ ۾ امن، اتحاد ۽ خوشحاليءَ لاءِ دعا ڪئي. ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي وڏي وزير ٻڌايو ته عاشوري جي ڏينهن سڄي سنڌ ۾ هڪ هزار 292 جلوس ۽ هڪ هزار 637 مجلسون منعقد ٿي رهيون آهن. هن چيو ته عزادارن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سڄي صوبي ۾ 59 هزار 265 پوليس اهلڪار تعينات ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه پاڪستان آرميءَ جا 2 هزار 630 ۽ پاڪستان رينجرز سنڌ جا 6 هزار 700 اهلڪار پڻ سيڪيورٽي فرائض سرانجام ڏئي رهيا آهن. مراد علي شاهه چيو ته جلوسن جي نگرانيءَ لاءِ جديد سرويلينس نظام استعمال ڪيو پيو وڃي. انتهائي حساس هنڌن تي ڪلوز سرڪٽ ڪيمرا لڳايا ويا آهن.

مزید خبریں