ڪراڪس-26 جون (اي پي پي) وينزويلا ۾ اربع جي رات آيل شديد زلزلن کانپوءِ آفٽر شاڪس جو سلسلو جاري جاري آهي، جڏهن ته زلزلن جي تباهڪارين جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ وڌي 235 ٿي ويو آهي ۽ 4300 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا. پرڏيهي ميڊيا موجب وينزويلا جي صحت واري وزير سرڪاري ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي ٻُڌايو ته امدادي ڪارروايون جاري آهن ۽ متاثر علائقن ۾ زخمين کي …
وينزويلا ۾ شديد زلزلن کانپوءِ آفٽر شاڪس جو سلسلو جاري، فوتين جو انگ 235 ٿي ويو، 4300 کان وڌيڪ زخمي

مزید خبریں
ڪراڪس-26 جون (اي پي پي) وينزويلا ۾ اربع جي رات آيل شديد زلزلن کانپوءِ آفٽر شاڪس جو سلسلو جاري جاري آهي، جڏهن ته زلزلن جي تباهڪارين جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ وڌي 235 ٿي ويو آهي ۽ 4300 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا. پرڏيهي ميڊيا موجب وينزويلا جي صحت واري وزير سرڪاري ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي ٻُڌايو ته امدادي ڪارروايون جاري آهن ۽ متاثر علائقن ۾ زخمين کي طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. رپورٽ موجب اربع رات آيل ٻنهي زلزلن جي شدت ترتيبوار 7.2 ۽ 7.5 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ٻنهي زلزلن وچ ۾ ڪجهه سيڪنڊن جو وقفو هو. رپورٽ موجب زلزلن کانپوءِ آفٽر شاڪس جو سلسلو جاري آهي ۽ هن وقت تائين 20 کان وڌيڪ آفٽر شاڪس رڪارڊ ڪيا ويا آهن. سيسمولوجيڪل ريسرچ بابت وينزويلا فائونڊيشن ٻُڌايو ته گذريل ڪجهه ڪلاڪن دوران آيل آفٽر شاڪس جي شدت 2.1 ۽ 3.6 وچ ۾ رهي. اداري ٻُڌايو ته اڪثر جهٽڪن جو مرڪز اُتر سامونڊي رياست لاگو ايرا رهيو، جتي ناگو آتا ۽ ورگاس ميونسپلٽي جا ڪجهه علائقا متاثر ٿيا.










