وينزويلا ۾ ٻه شديد زلزلن جي جهٽڪن سبب 32 ڄڻا فوت، 700 کان وڌيڪ زخمي

ڪراڪس-25 جون (اي پي پي) وينزويلا ۾ اربع جي رات آيل ٻن شديد زلزلن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 32 ڄڻا فوت ۽ 700 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. جڏهن ته متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب ملڪ جي وقتي صدر ڊيلي روڊريگز خميس ڏينهن صبح سرڪاري بيان ۾ فوتگين ۽ زخمين جي تصديق ڪندي چيو ته سامونڊي رياست لاگويرا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو …

ڪراڪس-25 جون (اي پي پي) وينزويلا ۾ اربع جي رات آيل ٻن شديد زلزلن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 32 ڄڻا فوت ۽ 700 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. جڏهن ته متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب ملڪ جي وقتي صدر ڊيلي روڊريگز خميس ڏينهن صبح سرڪاري بيان ۾ فوتگين ۽ زخمين جي تصديق ڪندي چيو ته سامونڊي رياست لاگويرا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، جتي درجنين عمارتون مڪمل طور تي ڊگهي ويون آهن. سرڪاري ٽي وي تي خطاب ۾ ڄاڻايل علائقن کي وقتي صدر ”آفت سٽيل علائقا“ قرار ڏنو ۽ چيو ته صورتحال انتهائي سنگين آهي. هن ٻُڌايو ته هن وقت تائين سامهون انگن اکرن ۾ لاگوائر رياست شامل ناهي ڇاڪاڻ ته ان علائقي ۾ مواصلاتي نظام شديد متاثر ٿيڻ سبب مڪمل معلومات حاصل نه ٿي سگهي. عملدارن کي خدشو آهي ته رابطا بحال ٿيڻ کانپوءِ فوتين ۽ زخمين جي انگ ۾ وڌيڪ واڌ ٿي سگهي ٿي. متاثر علائقن ۾ امدادي ٽيمون ملبن هيٺان دٻيل ماڻهن کي ڪڍڻ ۽ زخمين کي طبي امداد فراهم ڪرڻ ۾ مصروف آهن. حڪومتي ذريعن موجب عالمي امدادي ۽ ريسڪيو ٽيمن جي آمد به متوقع آهي ته جيئن ڳولا ۽ بچاءُ جون ڪارروايون تيز ڪري سگهجن. عملدارن شهرين کي آفٽر شاڪس جي امڪاني خطرن کي نظر ۾ رکندي احتياطي اُپاءُ اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ هنگامي صورتحال تحت امدادي سرگرميون جاري آهن.