ڪراچي-24 جون (اي پي پي) اوقاف، مذهبي معاملا، زڪوات ۽ عشر کاتي واري صوبائي وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازي محرم الحرام جي سلسلي ۾ امام بارگاه خيرالعمل (شهيدانِ ڪربلا) جو دورو ڪيو، جتي هن پاڪ ۽ هند جي معروف عالمِ دين حضرت آيت الله مولانا عقيل الغروي سان ملاقات ڪئي ۽ محرم الحرام جي اهميت ۽ فلسفي شهادتِ امام حسينؑ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي …
صوبائي وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازي جو امام بارگاه خيرالعمل (شهيدانِ ڪربلا) جو دورو

مزید خبریں
ڪراچي-24 جون (اي پي پي) اوقاف، مذهبي معاملا، زڪوات ۽ عشر کاتي واري صوبائي وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازي محرم الحرام جي سلسلي ۾ امام بارگاه خيرالعمل (شهيدانِ ڪربلا) جو دورو ڪيو، جتي هن پاڪ ۽ هند جي معروف عالمِ دين حضرت آيت الله مولانا عقيل الغروي سان ملاقات ڪئي ۽ محرم الحرام جي اهميت ۽ فلسفي شهادتِ امام حسينؑ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي تنوير حيدر شاهه شيرازي به موجود هو. دوري دوران صوبائي وزير جي پاڪستان جي معروف سماجي ۽ فلاحي تنظيم جي ڊي سي فائونڊيشن جي سربراهه سيد ظفر عباس جعفري سان به ملاقات ٿي، جنهن ۾ فلاحي سرگرمين، عوامي خدمت ۽ سماجي سهڪار جي مختلف پهلوئن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. سيد رياض حسين شاهه شيرازي امام بارگاهه خيرالعمل (شهيدانِ ڪربلا) جي مرڪزي جلوس ۾ به شرڪت ڪئي ۽ عزادارنِ سان ملاقات ڪندي انهن جي مذهبي جذبي، عقيدت ۽ نظم و ضبط کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي هن عزادارن ۾ نياز ۽ شربت جي سبيل به ورهائي. صوبائي وزير جلوس جي رستن، سيڪيورٽي انتظامن، صفائي سٿرائي، طبي امداد، ٽريفڪ مئنيجمينٽ ۽ ٻين سهولتن جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته عزادارن ۽ زائرين کي سموريون ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وڃن. امام بارگاهه ۾ عشره محرم الحرام جي ستين مجلس منعقد ٿي، جنهن ۾ صوبائي وزير به شرڪت ڪئي. مجلس سان خطاب ڪندي حضرت آيت الله مولانا عقيل الغروي ڪربلا جي واقعي آفاقي پيغام، حضرت امام حسينؑ ۽ اهلِ بيتؑ جي عظيم قربانين، حق ۽ باطل جي جدوجهد ۽ اسلامي تعليمن جي مختلف پهلوئن تي تفصيلي روشني وڌي. سندس فڪر انگيز خطاب مان هزارين عاشقانِ امام حسينؑ روحاني فيض حاصل ڪيو.ان کان پوءِ سيد رياض حسين شاهه شيرازي فيڊرل بي ايريا ۾ المحسن امام بارگاهه پهتو جتي هن مجلسن ۽ عزاداري جي انتظامن جو جائزو ورتو، علماءِ ڪرام، منتظمين ۽ عزادارن سان ملاقات ڪئي ۽ محرم الحرام دوران امن، ڀائيچاري ۽ مذهبي هم آهنگي جي فروغ لاءِ عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير چيو ته حضرت امام حسينؑ ۽ شهيدانِ ڪربلا جون لافاني قربانيون حق، انصاف، صبر، استقامت، آزادي ۽ انسانيت جي اعليٰ ترين اصولن جي روشن علامت آهن. هن چيو ته واقعو ڪربلا ظلم جي مقابلي ۾ ڊٽي رهڻ، حق جو ساٿ ڏيڻ ۽ انساني قدرن جي تحفظ جو ابدي سبق ڏئي ٿو. هن چيو ته محرم الحرام اسان کي اتحاد، برداشت، امن، اخوت ۽ انسانيت جي خدمت جو پيغام ڏئي ٿو، جنهن کي پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگين ۾ اپنائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.











