تهران- 24 جون (اي پي پي) ايران جي ڳالهين واري ٽيم جي سربراهه محمد باقر قاليباف چيو آهي ته آبناءِ هرمز جو انتظام ايران ئي هلائيندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو بيان سوئٽزرلينڊ ۾ ٿيل انهن ڳالهين کانپوءِ سامهون آيو آهي، جنهن جو مقصد آمريڪا - ايران جنگ جو خاتمو آهي. سوئٽزرلينڊ ۾ ٿيل ڳالهين جي پهرين دور کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي طرفان ٻڌايو ويو هو ته ٻنهي ملڪن اهم آبي …
آبناءِ هرمز جو انتظام ايران هلائيندو: باقر قاليباف

مزید خبریں
تهران- 24 جون (اي پي پي) ايران جي ڳالهين واري ٽيم جي سربراهه محمد باقر قاليباف چيو آهي ته آبناءِ هرمز جو انتظام ايران ئي هلائيندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو بيان سوئٽزرلينڊ ۾ ٿيل انهن ڳالهين کانپوءِ سامهون آيو آهي، جنهن جو مقصد آمريڪا – ايران جنگ جو خاتمو آهي. سوئٽزرلينڊ ۾ ٿيل ڳالهين جي پهرين دور کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي طرفان ٻڌايو ويو هو ته ٻنهي ملڪن اهم آبي گذرگاهه کي کليل رکڻ ۽ لبنان ۾ ويڙهه جي خاتمي لاءِ مواصلاتي لائن قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق، باقر قاليباف ڳالهين کان واپسيءَ کانپوءِ چيو ته آبناءِ هرمز ڪڏهن به جنگ کان اڳ واري صورتحال ۾ واپس نه ويندو ۽ عالمي قانون مطابق ان جو انتظام ايران وٽ هوندو. اهڙي طرح پنهنجي ٽيليگرام اڪائونٽ تي پوسٽ ڪيل وڊيو ۾ محمد باقر قاليباف جو چوڻ هو ته ايران کي سوئٽزرلينڊ ۾ ٿيل ڳالهين ۾ سٺيون ڪاميابيون حاصل ٿيون آهن. منهنجي خيال ۾ هن سفر جا هاڪاري نتيجا نڪتا آهن، خاص ڪري آبناءِ هرمز ۽ لبنان جي معاملي تي ڳالهين کان علاوه تيل تي پابندين ۾ نرمي ۽ منجمد فنڊز جي واپسي بابت سٺي اڳڀرائي ٿي آهي. محمد باقر قاليباف چيو ته يقينن اسان جو مڃڻ آهي ته اسان اڃا هن عمل جي شروعاتي مرحلي ۾ آهيون ۽ اسان کي پنهنجون ڪوششون جاري رکڻ گهرجن. ٽياڪڙي ڪرائيندڙ ملڪن قطر ۽ پاڪستان طرفان ٻڌايو ويو ته تهران ۽ واشنگٽن آبي گذرگاهه وارن واپاري جهازن جي محفوظ اچ وڃ کي يقيني بڻائڻ ۽ ڪنهن اڻ وڻندڙ واقعي يا غلط فهمي کان بچڻ لاءِ هڪ سڌي ريت رابطي جو نظام قائم ڪيو ويندو. سامونڊي ٽريفڪ تي نظر رکندڙن جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ معاهدو طئي ٿيڻ بعد آبناءِ هرمز رستي سامونڊي ٽريفڪ جو وهڪرو وڌيڪ ڏسڻ ۾ آيو.











