سنڌ جي گهرو وزير ملير ۾ معصوم نينگري سان مبينا زيادتي ۽ قتل واري افسوسناڪ واقعي جو نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب

ڪراچي- 24 جون (اي پي پي) سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار ملير ۾ هڪ معصوم نينگري سان مبينا زيادتي ۽ قتل واري افسوسناڪ واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ملير کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. گهرو وزير هدايت ڪئي آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي سڃاڻپ ۽ فوري گرفتاري لاءِ خاص ٽيمون جوڙي ڪارروائي تيز ڪئي وڃي. هن چيو ته معصوم نينگري سان …

ڪراچي- 24 جون (اي پي پي) سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار ملير ۾ هڪ معصوم نينگري سان مبينا زيادتي ۽ قتل واري افسوسناڪ واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ملير کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. گهرو وزير هدايت ڪئي آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي سڃاڻپ ۽ فوري گرفتاري لاءِ خاص ٽيمون جوڙي ڪارروائي تيز ڪئي وڃي. هن چيو ته معصوم نينگري سان پيش آيل هي افسوسناڪ واقعو انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ ناقابل برداشت آهي. هن چيو ته واقعي جي جاچ دوران جديد فرانزڪ شاهدين ۽ سائنسي طريقن مان مڪمل فائدو ورتو وڃي ته جيئن جوابدارن کي جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سگهجي. هن هدايت ڪئي ته ڪيس جي جاچ جي روزاني بنيادن تي نگراني ڪئي وڃي ۽ هر اڳڀرائي بابت کيس آگاهه رکيو وڃي. گهرو وزير چيو ته اهڙي سنگين واقعي ۾ ملوث عنصر قانون جي گرفت کان بچي نه سگهندا. هن وڌيڪ چيو ته ٻارن خلاف ڏوهن ۾ ملوث ماڻهو سماج جا بدترين ڏوهاري آهن ۽ اهڙن درنده صفت جوابدارن کي قانون موجب سخت کان سخت سزا ڏيارڻ لاءِ سڀ قدم کنيا ويندا. هن متاثر خاندان کي مڪمل قانوني سهائتا فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪندي چيو ته وارثن کي ڪنهن به قسم جي هراسان ڪرڻ يا دٻاءُ وجهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. ضياءَ الحسن لنجار چيو ته سنڌ حڪومت متاثر خاندان سان ڏک جي هن گهڙي ۾ برابر جي شريڪ آهي ۽ انصاف جي فراهمي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا. گهرو وزير چيو ته واقعي جي ذميوارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو ۽ انصاف جون سڀ گهرجون پوريون ڪيون وينديون.

مزید خبریں