حيدرآباد- 24 جون (اي پي پي) حيدرآباد ڊويزن جي ڪمشنر فياض حسين عباسي، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر سٽي سيد نور حسين سان اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات جو دير سان حيدرآباد جي قديم ۽ وڏي اٺين محرم الحرام جي جلوس ”جماعتن جو پڙ، فقير جو پڙ“ جو دورو ڪيو. دوري دوران آفيسرن جلوس جي روٽن تي سيڪيورٽي، ٽريفڪ مينيجمينٽ، ميونسپل سهولتن ۽ مجموعي انتظامن …
ڊويزنل ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر سٽي جو حيدرآباد جي قديم ۽ وڏي جلوس ”جماعتن جو پڙ، فقير جو پڙ“ جو دورو

مزید خبریں
حيدرآباد- 24 جون (اي پي پي) حيدرآباد ڊويزن جي ڪمشنر فياض حسين عباسي، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر سٽي سيد نور حسين سان اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات جو دير سان حيدرآباد جي قديم ۽ وڏي اٺين محرم الحرام جي جلوس ”جماعتن جو پڙ، فقير جو پڙ“ جو دورو ڪيو. دوري دوران آفيسرن جلوس جي روٽن تي سيڪيورٽي، ٽريفڪ مينيجمينٽ، ميونسپل سهولتن ۽ مجموعي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو. هنن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مقرر ڪيل نفري، عزادارن لاءِ مهيا ڪيل سهولتن ۽ ٻين انتظامي معاملن جو پڻ معائنو ڪيو. ان موقعي تي آفيسرن لاڳاپيل کاتن سان ويجهو رابطي ۽ هم آهنگي ذريعي جلوس جي پرامن ۽ منظم منعقد ڪرڻ کي يقيني بڻايو. هنن لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته اعليٰ سطحي چوڪسي برقرار رکندي سيڪيورٽي انتظامن سان گڏ شهري سهولتن جي بنا رڪاوٽ فراهمي به يقيني بڻائي وڃي. ضلعي انتظاميا پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته محرم الحرام دوران عزادارن جي حفاظت، سهولت ۽ امن امان جي قيام لاءِ سمورن انتظامن جي مسلسل نگراني ۽ مؤثر رابطاڪاري جاري رکي ويندي.











