لاڙڪاڻي ۾ عزاداري جو سلسلو جاري، اٺين محرم جي رات مختلف امام بارگاهن تان شهزادي قاسم عه جي مهندي برآمد

لاڙڪاڻو- 24 جون (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ محرم الحرام جي موقعي تي ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ عزاداري جو سلسلو جاري آهي، لاڙڪاڻي جي قديمي انجمن پنجتني کچي امام بارگاهه مان اٺين محرم الحرام جي رات ڪربلا جي گھوٽ شھزادي امير علي قاسم ابن امام حسن عليه السلام جي مهندي جي زيارت برآمد ڪئي وئي جنهن ۾ ھزارين مرد ۽ عورت عزادرن شرڪت ڪئي جڏهن ته ان کانسواءِ …

لاڙڪاڻو- 24 جون (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ محرم الحرام جي موقعي تي ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ عزاداري جو سلسلو جاري آهي، لاڙڪاڻي جي قديمي انجمن پنجتني کچي امام بارگاهه مان اٺين محرم الحرام جي رات ڪربلا جي گھوٽ شھزادي امير علي قاسم ابن امام حسن عليه السلام جي مهندي جي زيارت برآمد ڪئي وئي جنهن ۾ ھزارين مرد ۽ عورت عزادرن شرڪت ڪئي جڏهن ته ان کانسواءِ امام بارگاهه شاھ ڪربلا جاڙل شاهه بخاريءَ مان پُڻ مهندي جو جلوس برآماد ڪيو ويو جيڪو سڄي رات پنهنجي روايتي رستن تان ٿيندي صبح جو سوير واپس امام بارگاهه شاھ ڪربلا تي نهر ٿيو مجلس عزا ۽ ماتمي جلوس ۾ ھزارين عزادرن شرڪت ڪئي انتظاميا طرفان سيڪيورٽي انتظام تمام سخت ڪيا ويا آهن عزادارن جي حفاظت لاءِ پوليس سان گڏ رينجرس جا آفيسر ۽ جوان پڻ پنھنجا فرائض سرانجام ڏئي رهيا آهن ڪنھن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ ميونسپل ڪارپوريشن عملي سميت اسڪائوٽس ۽ ريسڪيو 1122 جي ٽيمن کي پڻ الرٽ رکيو ويو آهي.













مزید خبریں