بدين ضلعي ۾ محرم الحرام دوران امن امان قائم ڪرڻ، عزادارن جي جان ۽ مال جي تحفظ ۽ مجلسن ۽ جلوسن جو فول پروف سيڪيورٽي پلان جاري

بدين - 23 جون (اي پي پي) بدين ضلعي ۾ محرم الحرام دوران امن امان قائم ڪرڻ، عزادارن جي جان ۽ مال جي تحفظ ۽ مجلسن ۽ جلوسن جي فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي جي هدايتن تي جامع سيڪيورٽي پلان جاري ڪيو ويو آهي. محرم الحرام دوران سڄي ضلعي ۾ منعقد ٿيندڙ 485 مجلسن ۽ 120 جلوسن جي سيڪيورٽي جي …

بدين – 23 جون (اي پي پي) بدين ضلعي ۾ محرم الحرام دوران امن امان قائم ڪرڻ، عزادارن جي جان ۽ مال جي تحفظ ۽ مجلسن ۽ جلوسن جي فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي جي هدايتن تي جامع سيڪيورٽي پلان جاري ڪيو ويو آهي. محرم الحرام دوران سڄي ضلعي ۾ منعقد ٿيندڙ 485 مجلسن ۽ 120 جلوسن جي سيڪيورٽي جي لاءِ مجموعي طور تي 2675 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. سيڪيورٽي پلان تحت ڊسٽرڪٽ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي جتي 24 ڪلاڪن نگراني جاري آهي. پوليس لائين بدين ۾ 20 اهلڪارن تي ٻڌل ٻه خصوصي ريزور دستا قائم ڪيا ويا آهن جڏهن ته حساسن علائقي ڪڍڻ ۾ 22 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. جلوسن ۽ مجلسن جي رستن، اهم عمارتن ۽ حساس جاين جي نگراني جي لاءِ 46 اهلڪارن تي ٻڌل روف ٽاپ ڊپلائمنٽ پڻ ڪئي وئي آهي ته جيئن ڪنهن به مشڪوڪ سرگرمي تي سخت نظر رکي سگهجي. محرم الحرام دوران ضلعي ۾ نڪرندڙ هڪ انتهائي حساس جلوس جي سيڪيورٽي جي لاءِ 20 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن جڏهن ته 15 حساس جلوسن جي حفاظت جي لاءِ 224 اهلڪار فرض سرانجام ڏيندا. اهڙي طرح 104 جلوسن جي سيڪيورٽي جي لاءِ 1236 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. ان کانسواءِ سڄي ضلعي ۾ منعقد ٿيندڙ 485 مجلسن جي سيڪيورٽي جي لاءِ 970 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن ته جيئن عزادارن کي پرامن ۽ محفوظ ماحول فراهم ڪري سگهجي. ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي سمورن ڊي ايس پيز، ايس ايڇ اوز ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ سيڪيورٽي انتظامن جي مسلسل نگراني ڪن، جلوسن ۽ مجلسن جي جاين تي موثر چيڪنگ، سنيپ چيڪنگ، سرچنگ، گشت ۽ انٽيلي جنس بيسڊ مانيٽرنگ کي يقيني بڻائين. هن چيو ته بدين ضلعي ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۽ عزادارن جي تحفظ تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو ۽ شرپسند عنصرن جي خلاف بنا ڪنهن فرق جي قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. ايس ايس پي بدين عوام خاص طور تي عزادارن کي اپيل ڪئي ته اهي پوليس سان مڪمل تعاون ڪن، ضابطه اخلاق جي پابندي ڪن ۽ ڪنهن به مشڪوڪ شخص يا سرگرمي جي فوري طور تي اطلاع ويجهي پوليس اسٽيشن يا لاڳاپيل عملدار کي ڏين ته جيئن محرم الحرام جا سمورا اجتماع پرامن، محفوظ ۽ خوش اسلوبي سان منعقد ٿي سگهن.

مزید خبریں