لاڙڪاڻو ۾ محرم الحرام جي موقعي تي ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ مجلس عزا ۽ ماتمي جلوسن جو سلسلو عقيدت ۽ احترام سان جاري، سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت

لاڙڪاڻو- 23 جون (اي پي پي) لاڙڪاڻو ۾ محرم الحرام 1448ھ جي موقعي تي ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ مجلس عزا ۽ ماتمي جلوسن جو سلسلو عقيدت ۽ احترام سان جاري آهي، جڏهن ته سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن. لاڙڪاڻو ۾ ڇهين محرم الحرام جو ڏينهن حضرت مولا عباس علمدار عليہ السلام جي ياد ۾ ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ شهر جي قديمي انجمن پنجتني کچي …

لاڙڪاڻو- 23 جون (اي پي پي) لاڙڪاڻو ۾ محرم الحرام 1448ھ جي موقعي تي ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ مجلس عزا ۽ ماتمي جلوسن جو سلسلو عقيدت ۽ احترام سان جاري آهي، جڏهن ته سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن. لاڙڪاڻو ۾ ڇهين محرم الحرام جو ڏينهن حضرت مولا عباس علمدار عليہ السلام جي ياد ۾ ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ شهر جي قديمي انجمن پنجتني کچي امام بارگاهه مان مجلس عزا کانپوءِ علم پاڪ برآمد ڪيو ويو. ٻئي طرف لاڙڪاڻو جي قديمي انجمن امام بارگاهه شاهه ڪربلا جاڙل شاهه بخاريءَ مان مجلس عزا کانپوءِ ماتمي جلوس ۽ شبيھ تابوت حضرت ابوالفضل عباس علمدار عليه السلام برآمد ڪيو ويو. ماتمي جلوس سڄي رات شهر جي مختلف روڊن ۽ رستن تان ٿيندو صبح جو سوير واپس امام بارگاهه شاهه ڪربلا تي اختتام پذير ٿيو. مجلس عزا ۽ ماتمي جلوسن ۾ هزارين عزادارن عقيدت سان شرڪت ڪئي. ضلعي انتظاميا طرفان سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن. عزادارن جي حفاظت لاءِ پوليس سان گڏ رينجرز جا آفيسر ۽ جوان پڻ فرائض سرانجام ڏيئي رهيا آهن، ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ ميونسپل ڪارپوريشن جي فائر برگيڊ عملي، اسڪائوٽس ۽ ريسڪيو 1122 جي ٽيمن کي پڻ الرٽ رکيو ويو آهي.

مزید خبریں