چين نئون مواصلاتي ٽيڪنالاجي آزمائشي سيٽلائيٽ خلا ۾ موڪلي ڇڏيو

بيجنگ- 23 جون (اي پي پي) چين نئون مواصلاتي ٽيڪنالاجي آزمائشي سيٽلائيٽ خلاف ۾ موڪلي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اڱاري ڏينهن چين ڏاکڻي صوبي هينان ۾ واقع وين چانگ خلائي لانچ مرڪز تان هڪ نئون مواصلاتي ٽيڪنالاجي آزمائشي سيٽلائيٽ ڪاميابي سان خلا ۾ موڪلي ڇڏيو. چيني اختيارين مجب لانچ کان پوءِ سيٽلائيٽ ڪاميابي سان پنهنجي مقرر مدار ۾ پهچي ويو. اهوسيٽلائيٽ بنيادي طور تي سيٽلائيٽ مواصلات، نشريات ۽ ٽيليويزن …

بيجنگ- 23 جون (اي پي پي) چين نئون مواصلاتي ٽيڪنالاجي آزمائشي سيٽلائيٽ خلاف ۾ موڪلي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اڱاري ڏينهن چين ڏاکڻي صوبي هينان ۾ واقع وين چانگ خلائي لانچ مرڪز تان هڪ نئون مواصلاتي ٽيڪنالاجي آزمائشي سيٽلائيٽ ڪاميابي سان خلا ۾ موڪلي ڇڏيو. چيني اختيارين مجب لانچ کان پوءِ سيٽلائيٽ ڪاميابي سان پنهنجي مقرر مدار ۾ پهچي ويو. اهوسيٽلائيٽ بنيادي طور تي سيٽلائيٽ مواصلات، نشريات ۽ ٽيليويزن خدمتن ۽ڊ يٽا جي ترسيل لاءِ استعمال ڪيو ويو. ان کان علاوه ان جي ذريعي مختلف جديد مواصلاتي ٽيڪنالاجيز جي آزمائش ۽ تصديق به ڪئي ويندي، چيني خلائي پروگرام مطابق هي مشن لانگ مارچ راڪيٽ سيريز جو 653هون ڪامياب مشن آهي، جيڪو ملڪ جي خلائي پروگرام جي مسلسل ترقي ۽ فني اڳڀرائي جو مظهر سمجهيو ويندو آهي.