لاڙڪاڻو- 22 جون (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو جي صدارت ۾ ٽرانسپورٽ مالڪن ۽ اڳواڻن سان اهم اجلاس منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ عوام کي سفري سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ ٽرانسپورٽ ڀاڙا گهٽائڻ بابت غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي کان پوءِ ٽرانسپورٽ مالڪن کي گهُرجي ته هو پنهنجا ڀاڙا به گهٽ …
ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو جي صدارت ۾ ٽرانسپورٽ مالڪن ۽ اڳواڻن سان اهم اجلاس

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 22 جون (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو جي صدارت ۾ ٽرانسپورٽ مالڪن ۽ اڳواڻن سان اهم اجلاس منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ عوام کي سفري سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ ٽرانسپورٽ ڀاڙا گهٽائڻ بابت غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي کان پوءِ ٽرانسپورٽ مالڪن کي گهُرجي ته هو پنهنجا ڀاڙا به گهٽ ڪن، جيئن عام ماڻهن کي اچ وڃ ۾ آساني ملي سگهي. هن چيو ته عوام کان مقرر ڪيل ريٽ کان وڌيڪ ڀاڙو وصول ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. ڊپٽي ڪمشنر، ٽرانسپورٽ مالڪن کي سختي سان هدايت ڪئي ته هو سرڪاري طور مقرر ڪيل ڀاڙن تي عمل ڪن، ٻي صورت ۾ وڌيڪ ڀاڙو وصول ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ موجود ٽرانسپورٽ اڳواڻن ڊپٽي ڪمشنر کي يقين ڏياريو ته هو عوام کان مناسب ۽ مقرر ڪيل ريٽ موجب ڀاڙو وصول ڪندا ۽ انتظاميا سان مڪمل سهڪار ڪندا.











