دوحه- 22 جون (اي پي پي) قطر جي گادي واري شهر دوحه جي اتر ۾ ايل اين جي (قدرتي گيس ) جي پروسيسنگ سينٽر راس لفان انڊيسٽريل سٽي ۾ ڌماڪي سبب 54 ماڻهو زخمي ۽ 18 گُم ٿي ويا. بي بي سي مطابق قطر جي گهرو وزارت بيان ۾ چيو آهي ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ 54 ماڻهو زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته 18 گُم آهن جن جي ڳولا جاري …
قطر جي راس لفان گيس ڪمپليڪس ۾ ڌماڪو، 54 ماڻهو زخمي، 8 گُم
دوحه- 22 جون (اي پي پي) قطر جي گادي واري شهر دوحه جي اتر ۾ ايل اين جي (قدرتي گيس ) جي پروسيسنگ سينٽر راس لفان انڊيسٽريل سٽي ۾ ڌماڪي سبب 54 ماڻهو زخمي ۽ 18 گُم ٿي ويا. بي بي سي مطابق قطر جي گهرو وزارت بيان ۾ چيو آهي ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ 54 ماڻهو زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته 18 گُم آهن جن جي ڳولا جاري آهي. بيان مطابق ڌماڪو هڪ حادثي طور ٿيو ۽ ان جي نتيجي ۾ ڪنهن قسم جي اهڙي گيس نيڪال ناهي ٿي، جيڪا عوامي سلامتي لاءِ خطرو بڻجي. گهرو وزارت ٻڌايو ته قطري انٽرنيشنل سرچ اينڊ ريسڪيو گروپ سول ڊيفينس ٽيمن جي سهڪار سان گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا ۾ مصروف آهي. انتظاميه مطابق راس لفان انڊيسٽريل سٽي ۾ پيش آيل هڪ فني حادثي سبب پهريون ڌماڪو ٿيو ۽ پوءِ وڏي پيماني تي باهه لڳي وئي. ڪمپني بيان ۾ چيو ته هنگامي امدادي ٽيمن کي فوري طورتي موقعي تي روانو ڪيو ويو ۽ باهه تي ڪجهه دير بعد ضابطو آندو ويو. سرڪاري ملڪيتي ڪمپني قطر انرجي اهو واضع ڪيو آهي ته ڌماڪي سبب پلانٽ کي ڪو نقصان ناهي پهتو. اهو پلانٽ قطر جي مقامي مارڪيٽ کي گيس فراهم ڪري ٿو.












