اسلام آباد- 22 جون (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ان ويزن جي هڪ پائيدار عڪاسي آهي جنهن جو مقصد معاشري جي ڪمزور ۽ مستحق طبقن کي سهارو ڏيڻ ۽ موقعا فراهم ڪرڻ هو. هن شفافيت، مالي شموليت ۽ خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ جاري سڌاراجاتي قدمن کي ساراهيندي چيو ته …
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن جي هڪ پائيدار عڪاسي آهي: خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري
اسلام آباد- 22 جون (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ان ويزن جي هڪ پائيدار عڪاسي آهي جنهن جو مقصد معاشري جي ڪمزور ۽ مستحق طبقن کي سهارو ڏيڻ ۽ موقعا فراهم ڪرڻ هو. هن شفافيت، مالي شموليت ۽ خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ جاري سڌاراجاتي قدمن کي ساراهيندي چيو ته موثر سماجي تحفظ جا پروگرام مستحق خاندانن جي معاونت ۽ عورتن کي معاشي ۽ سماجي زندگي ۾ وڌيڪ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ڪن ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري پارليامينٽ هائوس ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد ۽ بي آءِ ايس پي جي سيڪريٽري عامر علي احمد پاران ڏنل بريفنگ ۾ شرڪت ڪئي جتي کيس پروگرام جي اڳڀرائي، جاري سڌارن ۽ سڄي ملڪ جي مستحق خاندانن تي ان جي اثرن بابت تفصيلي آگاهي ڏني وئي. خاتون اول کي ٻڌايو ويو ته مالي سال 26 – 2025ع دوران بي آءِ ايس پي جي لاءِ 716 ارب رپيا رکيا ويا هئا جڏهن ته مالي سال 27 – 2026ع جي لاءِ 844 ارب رپين جي بجيٽ تجويز ڪئي وئي آهي. کيس آگاهه ڪيو ويو ته بينظير ڪفالت پروگرام تحت هن وقت 1 ڪروڙ 20 لک خاندانن کي ٽه ماهي بنيادن تي 14500 رپيا روڪ امداد فراهم ڪئي پئي وڃي جڏهن ته جنوري 2027ع کان ان وظيفي کي وڌائي 18000 رپيا ڪرڻ جو منصوبو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته بينظير تعليمي وظيفا پروگرام تحت 1 ڪروڙ 24 لک ٻارن کي تعليمي معاونت فراهم ڪئي پئي وڃي جنهن جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 70 سيڪڙو اسڪل حاضري جي شرط رکي وئي آهي. اهڙي طرح بينظير نشونما پروگرام جي ذريعي اٽڪل 20 لک حاملا ۽ کير پياريندڙ عورتن ۽ ٻن سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي مدد ڪئي پئي وڃي جڏهن ته پائليٽ مرحلي تحت 52 هزار ننڍي عمر جي ڇوڪرين کي پڻ پروگرام ۾ شامل ڪيو ويو آهي. خاتون اول کي ٻڌايو ويو ته صدر آصف علي زرداري ۽ بي بي آصفه ڀٽو زرداري پاران شروع ڪيل بينظير هنرمند پروگرام مستحق ماڻهن کي مفت فني تربيت فراهم ڪري رهيو آهي جنهن ۾ هيستائين 7 هزار کان وڌيڪ ماڻهو داخلا وٺي چڪا آهن. ڊيجيٽل شعبي ۾ وزيراعظم جي “ڪيش ليس اڪانومي” قدم تحت هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ مستحقين کي ڊيجيٽل سوشل پروٽيڪشن والٽس جي ذريعي باضابطا مالياتي نظام سان ڳنڍيو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ 85 لک کان وڌيڪ مفت سمز ورهائي والٽس سان ڳنڍيون ويون آهن جڏهن ته 4 لک 10 هزار کان وڌيڪ مستحقين کي ڊيجيٽل ۽ مالياتي خواندگي جي تربيت پڻ ڏني وئي آهي. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته قومي سماجي ۽ معاشي رجسٽري ۾ 3 ڪروڙ 87 لک خاندانن جي ڊيٽا موجود آهي جڏهن ته 2 ڪروڙ 30 لک خاندان ڊائنامڪ رجسٽري تحت پنهنجي معلومات اپ ڊيٽ ڪري چڪا آهن. تازي تصديقي عمل جي نتيجي ۾ 35 لک کان وڌيڪ نئين ممڪن طور تي خاندانن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. خاتون اول کي عالمي بئنڪ جي هڪ تحقيق بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو جنهن موجب بي آءِ ايس پي 1 ڪروڙ 3 لک کان وڌيڪ خاندانن جي مدد ڪري رهيو آهيجيڪو پاڪستان جي اٽڪل 24 سيڪڙو خاندانن جو احاطو ڪري ٿو. تحقيق موجب پروگرام تحت ورهائي ويندڙ هڪ هڪ رپئي جي بدلي مقامي معيشت ۾ 2.34 رپين جي حقيقي آمدني پيدا ٿئي ٿي. وڌيڪ اهو تهڪل آمدني ۾ اضافي جو 68 سيڪڙو حصو معاشري جي غريب ترين 40 سيڪڙو خاندانن کي حاصل ٿئي ٿو جڏهن ته اهو پروگرام 16 لک 60 هزار ڪل وقتي برابر روزگار جي موقعن جي حمايت ڪري ٿو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته بي آءِ ايس پي جي ذريعي پيدا ٿيندڙ معاشي سرگرمي قومي خزاني کي ساليانو اٽڪل 174 ارب رپيا واپس فراهم ڪري ٿي. ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ان ويزن جي هڪ پائيدار عڪاسي آهي جنهن جو مقصد معاشري جي ڪمزور ۽ مستحق طبقن کي سهارو ڏيڻ ۽ موقعا فراهم ڪرڻ هو. هن شفافيت، مالي شموليت ۽ خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ جاري سڌاراجاتي قدمن کي ساراهيندي چيو ته موثر سماجي تحفظ جا پروگرام مستحق خاندانن جي مدد ۽ عورتن کي معاشي ۽ سماجي زندگي ۾ وڌيڪ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ان کان اڳ پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد چيو ته اهو پروگرام 2008ع ۾ صدر آصف علي زرداري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن موجب شروع ڪيو هو ۽ اهو معاشري جي ڪمزور طبقن جي لاءِ باوقار سماجي تحفظ فراهم ڪرڻ جي عزم جو عملي اظهار آهي. هن چيو ته بي آءِ ايس پي هاڻي رڳو روڪ امداد تائين محدود نه آهي پر هڪ جامع، ڊيجيٽل ۽ بااختيار بڻائيندڙ سماجي تحفظ جي نظام طرف وڌي رهيو آهي. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفى شاهه، قومي اسيمبلي ميمبر شازيه مري، قومي اسيمبلي ميمبر مير غلام علي ٽالپر ۽ قومي اسيمبلي جي غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين پڻ موجود هئا.












