ڪراچي- 22 جون (اي پي پي) سنڌ حڪومت عاشوري، 9 ۽ 10 محرم الحرام 1448 هجري جي موقعي تي سڄي صوبي ۾ ٻن ڏينهن جي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سروسز، جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 25 ۽ 26 جون 2026ع (خميس ۽ جمعي) تي سنڌ جي سمورن سرڪاري ادارن ۾ عام موڪل هوندي. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اها موڪل سنڌ …
سنڌ حڪومت پاران 9 ۽ 10 محرم الحرام تي سڄي صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان
ڪراچي- 22 جون (اي پي پي) سنڌ حڪومت عاشوري، 9 ۽ 10 محرم الحرام 1448 هجري جي موقعي تي سڄي صوبي ۾ ٻن ڏينهن جي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سروسز، جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 25 ۽ 26 جون 2026ع (خميس ۽ جمعي) تي سنڌ جي سمورن سرڪاري ادارن ۾ عام موڪل هوندي. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اها موڪل سنڌ حڪومت جي انتظامي ڪنٽرول هيٺ ڪم ڪندڙ سڀني سرڪاري آفيسن، خودمختيار ۽ نيم خودمختيار ادارن، ڪارپوريشنن ۽ لوڪل ڪائونسلن تي لاڳو ٿيندي. جڏهن ته ايمرجنسي ۽ لازمي خدمتون سرانجام ڏيندڙ ادارا معمول موجب پنهنجون ذميواريون نڀائيندا رهندا.












