لاڙڪاڻو- 22 جون (اي پي پي) ڪشمور پوليس ڪامياب ڪارروائي ڪندي مرزاپور ڪنڌڪوٽ ۾ هندو واپاري اشوڪ ڪمار جي قتل ۽ ڦر ۾ ملوث ٻه جوابدارن کي پوليس مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. انچارج مددگار پوليس ڪنڌڪوٽ ۽ بي سيڪشن ڪنڌڪوٽ پاران اسنيپ چيڪنگ دوران هڪ شڪي موٽر سائيڪل تي سوار ٻن ڄڻن کي بيهڻ جو اشارو ڪيو ويو، جوابدارن بيهڻ بدران فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، …
ڪشمور پوليس هٿان مرزاپور ڪنڌڪوٽ ۾ هندو واپاري اشوڪ ڪمار جي قتل ۽ ڦر ۾ ملوث ٻه جوابدار پوليس مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار
لاڙڪاڻو- 22 جون (اي پي پي) ڪشمور پوليس ڪامياب ڪارروائي ڪندي مرزاپور ڪنڌڪوٽ ۾ هندو واپاري اشوڪ ڪمار جي قتل ۽ ڦر ۾ ملوث ٻه جوابدارن کي پوليس مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. انچارج مددگار پوليس ڪنڌڪوٽ ۽ بي سيڪشن ڪنڌڪوٽ پاران اسنيپ چيڪنگ دوران هڪ شڪي موٽر سائيڪل تي سوار ٻن ڄڻن کي بيهڻ جو اشارو ڪيو ويو، جوابدارن بيهڻ بدران فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي پوليس سندن پيڇو ڪيو، پٺيان پوندي جوابدارن پوليس مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جي جواب ۾ پوليس پڻ جوابي ڪارروائي ڪئي. فائرنگ جي ڏي وٺ جي نتيجي ۾ ٻئي جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا. زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل جوابدارن ۾ غلام رسول محمداڻي عرف ٻانھون محمداڻي ولد ربنواز حسنين عرف عبدالغفار ولد حاجي گيلو ڀنگوارشامل آهن. شروعاتي جاچ دوران گرفتار جوابدارن اعتراف ڪيو ته هو گذريل ڏينهن مرزاپور واري علائقي ۾ هندو واپاري اشوڪ ڪمار سان ٿيل ڦر جي واردات ۾ ملوث هئا، جنهن دوران مزاحمت ڪرڻ تي جوابدارن فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو هو. واقعي جي سي ٽي وي فوٽيج پڻ پوليس وٽ موجود آهي، جيڪا جاچ ۾ اهم ثبوت طور شامل ڪئي وئي آهي. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب ڪامياب ڪارروائيون ڪرڻ تي ايس ايس پي ڪشمور ۽ لاڳاپيل پوليس ٽيمن لاءِ تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.












