ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور جي ڳوٺ بڊو ۾ درگاھ پير نور شاهه تي علم لڳائڻ دوران بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب شهيد ٿيلن جي وارثن سان ملاقات

لاڙڪاڻو- 22 جون (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو پاران ڊکڻ شھر جي ڳوٺ بڊو ۾ درگاھ پير نور شاهه تي علم لڳائڻ دوران بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ واري هنڌ جو دورو ڪيو ويو. ڊکڻ شھر جي ڳوٺ بڊي ۾ علم پاڪ نشان دوران حادثاتي طور تي علم پاڪ 11 هزار ڪي وي بجلي جي تارن سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ 8 عزادار بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ …

لاڙڪاڻو- 22 جون (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو پاران ڊکڻ شھر جي ڳوٺ بڊو ۾ درگاھ پير نور شاهه تي علم لڳائڻ دوران بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ واري هنڌ جو دورو ڪيو ويو. ڊکڻ شھر جي ڳوٺ بڊي ۾ علم پاڪ نشان دوران حادثاتي طور تي علم پاڪ 11 هزار ڪي وي بجلي جي تارن سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ 8 عزادار بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سبب شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 5 زخمي ٿيا هئا. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور، ايس ايس پي شڪارپور، اسسٽنٽ ڪمشنر ڳڙهي ياسين، شيعه تنظيمن ۽ متاثر خاندانن سان ملاقات ڪئي ۽ متاثرن کي هر ممڪن تعاون ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور چيو ته شهيد ٿيندڙن جي خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

مزید خبریں