ڪيف-21 جون (اي پي پي) يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي چيو آهي ته يوڪرين ۽ روس وچ ۾ ڳالهيون ٻيهر شروع ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ته في الحال ڳالهين جي حمتي شڪل کي طئي ڪرڻ باقي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن خاص طور تي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڳالهين ۾ ٽئين ڌر جي شموليت لازمي آهي. يوڪريني صدر، يوڪرين جا بنيادي مطالبا به واضح ڪيا، جنهن ۾ جنگ کانپوءِ …
روس سان ڳالهيون ٻيهر شروع ٿيڻ جو امڪان آهي: يوڪرين

مزید خبریں
ڪيف-21 جون (اي پي پي) يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي چيو آهي ته يوڪرين ۽ روس وچ ۾ ڳالهيون ٻيهر شروع ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ته في الحال ڳالهين جي حمتي شڪل کي طئي ڪرڻ باقي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن خاص طور تي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڳالهين ۾ ٽئين ڌر جي شموليت لازمي آهي. يوڪريني صدر، يوڪرين جا بنيادي مطالبا به واضح ڪيا، جنهن ۾ جنگ کانپوءِ جي سيڪيورٽي گارنٽي ۽ يورپي يونين ۾ شموليت جهڙا معاملا شامل آهن ۽ اهو به چيو ته يوڪرين طرفان روسي ڌرين کي ڳالهين جي حتمي شڪل طئي ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.











