سعودي عرب پاران يمني حڪومت کي پگهارن لاءِ 59.7 ملين ڊالر امداد

رياض-21 جون (اي پي پي) يمن ۾ سعودي سفير محمد الجابر چيو آهي ته سعودي عرب،  يمني حڪومت کي پبلڪ سيڪٽر ۾ ملازمن جي پگهارن جي ادائيگي لاءِ 224 ملين ريال ( 59.7 ملين ڊالر) کان وڌيڪ جي اضافي  امداد فراهم ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي قيادت جي هدايت تحت سعودي عرب جي تعمير ۽ ترقي بابت پروگرام يمن ذريعي اها امداد فراهم ڪئي وئي. سعودي سفير”ايڪس“ اڪائونٽ تي پوسٽ …

رياض-21 جون (اي پي پي) يمن ۾ سعودي سفير محمد الجابر چيو آهي ته سعودي عرب،  يمني حڪومت کي پبلڪ سيڪٽر ۾ ملازمن جي پگهارن جي ادائيگي لاءِ 224 ملين ريال ( 59.7 ملين ڊالر) کان وڌيڪ جي اضافي  امداد فراهم ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي قيادت جي هدايت تحت سعودي عرب جي تعمير ۽ ترقي بابت پروگرام يمن ذريعي اها امداد فراهم ڪئي وئي. سعودي سفير”ايڪس“ اڪائونٽ تي پوسٽ ۾ لکيو ته ان امداد جو مقصد يمني حڪومت جي بجيٽ خساري کي پورو ڪرڻ ۽ سرڪاري ملازمن کي مسلسل پگهارن جي ادائيگي کي يقيني بنائڻ آهي.  

مزید خبریں