درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

اسلام آباد-21 جون (اي پي پي)  واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. آچر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 29 هزار600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 45 هزار 800 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 45 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو45 هزار ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي …

اسلام آباد-21 جون (اي پي پي)  واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. آچر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 29 هزار600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 45 هزار 800 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 45 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو45 هزار ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو1 لک 95 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 95 هزار 600 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 29 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 37 هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 31 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 7 هزار 300 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي صورتحال موجب گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 52 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 15 هزار 100 ڪيوسڪ، سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 7 هزار ڪيوسڪ  ۽ هيٺانهون وهڪرو 64 هزار 600 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 22 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو ٻڙي ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي صورتحال مطابق تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1443.28 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو0.816 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1171.55 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.652 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 642.10 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.065 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.  

مزید خبریں