لاڙڪاڻو-21 جون (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو چيو آهي ته لاڙڪاڻو ۾ محرم الحرام جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن، سمورن لاڳاپيل کاتن کي محرم الحرام دوران پنهنجي ڪارڪردگي 100 سيڪڙو يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ محرم الحرام جي انتظامن بابت پريس ڪانفرنس ڪندي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو چيو ته پهرين محرم الحرام کان 10 محرم الحرام …
لاڙڪاڻو ۾ محرم الحرام جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن، سمورن لاڳاپيل کاتن کي محرم الحرام دوران پنهنجي ڪارڪردگي 100 سيڪڙو يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي: ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-21 جون (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو چيو آهي ته لاڙڪاڻو ۾ محرم الحرام جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن، سمورن لاڳاپيل کاتن کي محرم الحرام دوران پنهنجي ڪارڪردگي 100 سيڪڙو يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ محرم الحرام جي انتظامن بابت پريس ڪانفرنس ڪندي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو چيو ته پهرين محرم الحرام کان 10 محرم الحرام تائين ڪُل 201 مجلسون ۽ 149 جلوس برآمد ٿيندا. محرم الحرام ۾ سيڪيورٽي لاءِ 3457 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جن ۾ ضلعي پوليس جا 200 اهلڪار شامل آهن. سينيئر سپرنٽينڊنٽ آف پوليس لاڙڪاڻو طرفان گهرايل 270 معاون فورس، 110 ڊاڪٽر، 272 پيرا ميڊيڪل اسٽاف، 128 هيلٿ ڪيمپون، سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ لاڙڪاڻي جا 320 ليبر مشينري سميت، ميونسپل جون 20 ٽيمون، 500 اسڪائوٽس ميمبر پنهنجا فرض سرانجام ڏيندا. مختلف هنڌن تي بم ڊسپوزل جون 3 خاص ٽيمون مقرر ڪيون وينديون. لاڙڪاڻي ۾ 75 سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي فراهمي ۽ لڳائڻ جو ڪم جاري آهي. سمورين امام بارگاهن جي مک رستن ۽ شهر جي چوڌاري لائيٽن جو بندوبست ڪيو ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻي چيو ته محرم الحرام انتهائي اهم موقعو آهي. سڄي ضلعي ۾ سيڪيورٽي جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. سمورن لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو محرم الحرام 1448 دوران پنهنجي ڪارڪردگي 100 سيڪڙو يقيني بڻائين ته جيئن هي اهم ترين موقعو بغير ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي يا صورتحال جي پرامن طريقي سان مڪمل ٿي سگهي.











