لاڙڪاڻو-21 جون (اي پي پي) اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 73هين سالگرهه جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ مزار جي ڀرسان صحت کاتي طرفان ٿيليسيميا جي مريضن لاءِ رت جي عطئي جي ڪيمپ لڳائي وئي. هن ڪيمپ ۾ پ پ پ جي سوين ڪارڪنن رت جو عطيو ڏنو. ان موقعي تي وزير اعليٰ سنڌ جي معاون خصوصي خير محمد شيخ ڳالهائيندي چيو ته اڄ اسان شهيد محترمه …
اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 73هين سالگرهه جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ مزار جي ڀرسان صحت کاتي طرفان ٿيليسيميا جي مريضن لاءِ رت جي عطئي جي ڪيمپ قائم

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-21 جون (اي پي پي) اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 73هين سالگرهه جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ مزار جي ڀرسان صحت کاتي طرفان ٿيليسيميا جي مريضن لاءِ رت جي عطئي جي ڪيمپ لڳائي وئي. هن ڪيمپ ۾ پ پ پ جي سوين ڪارڪنن رت جو عطيو ڏنو. ان موقعي تي وزير اعليٰ سنڌ جي معاون خصوصي خير محمد شيخ ڳالهائيندي چيو ته اڄ اسان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 73هين سالگره جي موقعي تي ٿيليسيميا جي مريضن کي رت جو عطيو ڏيڻ لاءِ هي ڪيمپ قائم ڪئي آهي ۽ پ پ پ جي ڪارڪنن ان ۾ حصو وٺي پارٽي سان سچائي جو ثبوت ڏنو آهي. هن چيو ته صدر پاڪستان آصف علي زرداري، پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، ايم پي اي ادي فريال ٽالپر جي هدايتن تحت اسين گڏ ٿيا آهيون. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو هڪ عظيم اڳواڻ هئي جنهن ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي ۽ عام ماڻهن جي ڀلائي لاءِ هن پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي ۽ سندس نقشِ قدم تي هلندي پارٽي قيادت ۽ عام ڪارڪن خدمت ڪري رهيا آهن ۽ خاص طور تي اڄ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سالگره جي موقعي تي ٿيليسيميا جي مريضن لاءِ هي ڪيمپ قائم ڪئي وئي آهي ته جيئن کين رت جو عطيو ڏئي سگهجي. ان موقعي تي چيئرمين ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻو اعجاز احمد لغاري ڳالهائيندي چيو ته ٿيليسيميا جي مريضن جي زندگي بچائڻ لاءِ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تحت شهيدن جي مزارن ڀرسان هي ڪيمپ قائم ڪئي وئي آهي جنهن سان غريب ٿيليسيميا جي مريضن کي رت ڏيڻ سان علاج ٿيندو. هن چيو ته پ پ پ جو مشن غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي خدمت ڪرڻ آهي ٻين خدمتن سان گڏ هي ڪيمپ به ان ڳالهه جو ثبوت آهي ان موقعي تي سمورن اڳواڻن ڪيمپ جو دوور ڪيو ۽ رت جو عطيو ڏيندڙ ڪارڪنن جي همٿ افزائي پڻ ڪئي ۽ حصو وٺندڙ ڪارڪنن ۾ ڪارڪردگي سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا ويا.











