لاڙڪاڻو-21 جون (اي پي پي) شڪارپور جي 22 ورهين جي نوجوان فوجي جوان صدام جکرو جيڪو وادي تيراه ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيو هو، کي مڪمل فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. فوجي شهيد صدام جکرو جي جنازي نماز واپڊا آفيس گرائونڊ ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ برگيڊيئر عمر، فوج جي اعليٰ آفيسرن، ضلعي انتظاميا ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. شهيد صدام جکرو …
شڪارپور جي جي نوجوان فوجي صدام جکرو کي فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-21 جون (اي پي پي) شڪارپور جي 22 ورهين جي نوجوان فوجي جوان صدام جکرو جيڪو وادي تيراه ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيو هو، کي مڪمل فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. فوجي شهيد صدام جکرو جي جنازي نماز واپڊا آفيس گرائونڊ ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ برگيڊيئر عمر، فوج جي اعليٰ آفيسرن، ضلعي انتظاميا ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. شهيد صدام جکرو ٽي سال اڳ پاڪ فوج ۾ ڀرتي ٿيو هو. سندس پونئيرن ۾ ٻن ورهين جي هڪ نياڻي ۽ چار ڀائر شامل آهن. جنازي نماز کان پوءِ کيس مڪمل فوجي اعزاز سان اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.











