سنڌي ادبي سنگت شاخ پنجون ديرو جون ساليانيون چونڊون، سھيل سندر سيڪريٽري چُونڊجي ويو

لاڙڪاڻو-21 جون (اي پي پي) لاڙڪاڻو سنڌي ادبي سنگت شاخ پنجون ديرو جون ساليانيون چونڊون ٿي گذريون جنهن ۾ سھيل سندر بنا مقابلي سيڪريٽري چونڊجي ويو. ان ڏس ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ پنجون ديرو جي سالياني چونڊ ضلعي لاڙڪاڻي جي رابطا سيڪريٽري روشن ٽوٽائي جي نگرانيءَ ۾ ٿي گذري، چونڊ عمل دوران گڏيل راءِ سان نئين باڊي چونڊي وئي جنهن ۾ سھيل سندر کي سيڪريٽري، جوش منگي کي جوائنٽ …

لاڙڪاڻو-21 جون (اي پي پي) لاڙڪاڻو سنڌي ادبي سنگت شاخ پنجون ديرو جون ساليانيون چونڊون ٿي گذريون جنهن ۾ سھيل سندر بنا مقابلي سيڪريٽري چونڊجي ويو. ان ڏس ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ پنجون ديرو جي سالياني چونڊ ضلعي لاڙڪاڻي جي رابطا سيڪريٽري روشن ٽوٽائي جي نگرانيءَ ۾ ٿي گذري، چونڊ عمل دوران گڏيل راءِ سان نئين باڊي چونڊي وئي جنهن ۾ سھيل سندر کي سيڪريٽري، جوش منگي کي جوائنٽ سيڪريٽري، رستم راھي کي خزانچي، پياسي ڪنڀر کي آڊيٽر ۽ جيون لاڙڪ کي ڪائونسلر چونڊيو ويو، جڏهن ته سمورا عهديدار بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنا ويا. ٻئي طرف ڪاروباري ڪاميٽيءَ لاءِ زبير احمد ۽ ساجد علي چونڊيا ويا. ان موقعي تي نئين چونڊيل سيڪريٽري سھيل سندر خطاب ڪندي چيو ته سنڌي ادبي سنگت شاخ پنجون ديرو هميشه ادب، ٻولي ۽ ثقافت جي واڌ ويجهه لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته دوستن جي سهڪار سان ادبي رهاڻيون، مشاعرا، ڪانفرنسون ۽ ٻيون ادبي سرگرميون باقاعدگي سان منعقد ڪيون وينديون ته جيئن علائقي ۾ ادبي شعور کي وڌيڪ هٿي ملي سگهي.

مزید خبریں