سڄي دنيا جي مجبور پناهگيرن جي همٿ ۽ عزم کي سلام پيش ڪريون ٿا: گورنر سنڌ

ڪراچي-21 جون (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي پناهگيرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته سڄي دنيا جي مجبور پناهگيرن جي همٿ ۽ عزم کي سلام پيش ڪريون ٿا. پاڪستان ڏهاڪن تائين لکين پناهگيرن جي بيمثال مهمانوازي ڪئي آهي. هن چيو ته اسان جي ڌرتي هميشه انسانن کي پناه ۽ محبت ڏني آهي. هن چيو ته جنگ ۽ ظلم سبب …

ڪراچي-21 جون (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي پناهگيرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته سڄي دنيا جي مجبور پناهگيرن جي همٿ ۽ عزم کي سلام پيش ڪريون ٿا. پاڪستان ڏهاڪن تائين لکين پناهگيرن جي بيمثال مهمانوازي ڪئي آهي. هن چيو ته اسان جي ڌرتي هميشه انسانن کي پناه ۽ محبت ڏني آهي. هن چيو ته جنگ ۽ ظلم سبب پنهنجا اجها ڇڏي ايندڙن جي مدد انساني فرض آهي. هن چيو ته عالمي برادري پناهگيرن جي مسئلن جي پائيدار حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته عالمي امن جي قيام کانسواءِ پناهگيرن جي بحران تي ضابطو آڻڻ ممڪن ناهي.

مزید خبریں