ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻي جي ميئر جي صدارت ۾ اجلاس، مالي سال 27-2026ع جي بجيٽ اتفاق راءِ سان منظور

لاڙڪاڻو- 20 جون (اي پي پي) ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻي جي ميئر ايڊووڪيٽ انور علي لهر جي صدارت ۾ ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻو جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻي جي مالي سال 27-2026ع جي بجيٽ اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ فنانس ڪميٽي جي چيئرمين محمد قاسم بروهي ايندڙ مالي سال 27-2026ع جي بجيٽ پيش ڪندي ٻڌايو ته 4 ارب 6 ڪروڙ 54 لک 4 هزار 393 …

لاڙڪاڻو- 20 جون (اي پي پي) ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻي جي ميئر ايڊووڪيٽ انور علي لهر جي صدارت ۾ ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻو جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻي جي مالي سال 27-2026ع جي بجيٽ اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ فنانس ڪميٽي جي چيئرمين محمد قاسم بروهي ايندڙ مالي سال 27-2026ع جي بجيٽ پيش ڪندي ٻڌايو ته 4 ارب 6 ڪروڙ 54 لک 4 هزار 393 رپين جي ڪل بجيٽ ۾ 4 ڪروڙ 2 لک 77 هزار 250 رپين جي بچت ڏيکاري وئي آهي. بجيٽ ۾ ڏنل انگن اکرن موجب پهرين جولاءِ 2026ع تي ميونسپل ڪارپوريشن جو اوپننگ بئلنس 37 ڪروڙ 40 لک 63 هزار 727 رپيا هو. ايندڙ مالي سال جي ڪل آمدني جو ڪاٿو 3 ارب69 ڪروڙ 13 لک 40 هزار 666 رپيا لڳايو ويو آهي. جڏهن ته ڪل خرچ4  ارب 2 ڪروڙ 51 لک 27 هزار 143 رپيا هوندو. اهڙي طرح 30 جون 2027ع تي ميونسپل ڪارپوريشن جو ڪلوزنگ بئلنس 4 ڪروڙ 2 لک 77 هزار 250 رپيا هوندو. نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ پگھارن جي ادائگيءَ لاءِ هڪ ارب 29 ڪروڙ 35 لک 68 هزار 959 رپيا رکيا ويا آهن. جڏهن ته پينشن، گريجوئيٽي، مالي سهائتا لاءِ 40 ڪروڙ رکيا ويا آهن. ٻين خرچن ۽ يوٽيلٽي بلن جي ادائيگيءَ لاءِ 20 ڪروڙ 3 لک رپيا گورنمينٽ جي لازمي ادائگين لاءِ 50 لک رپيا، گذريل سالن جي بلن جي ادائگيءَ لاءِ 3 ڪروڙ 91 لک 87 هزار 628 رپيا، اسٽريٽ لائيٽن ۽ ٻين هلندڙ ڪمن لاءِ 35 ڪروڙ 89 لک 20 هزار 556 رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن. مرمت وارن ترقياتي ڪمن لاءِ 32 ڪروڙ 91 لک رپيا هلندڙ ترقياتي ڪمن لاءِ 10 ڪروڙ، نون ترقياتي ڪمن لاءِ 27 ڪروڙ 9 لک رپيا رکيا ويا آهن. لاڙڪاڻي شهر جي 20 يونين ڪاميٽين لاءِ 13 ڪروڙ روپيا، ڊسپوزلس جي جنريٽرن جي تيل لاءِ 18 ڪروڙ رپيا ۽ ٻين مينٽيننس جي ڪمن لاءِ 3  ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. غريب شاگردن جي اسڪالرشپ، پريس ڪلب جي امداد، اقليتن، عورتن، ٽرانسجينڊرن جي ڀلائي ۽ ٻين ڪمن لاءِ 19 ڪروڙ 98 لک رپيا رکيا ويا آهن. ان موقعي تي سمورن ميمبرن هٿ مٿي کڻي بجيٽ جي منظوري ڏني. ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻي جي ميئر انور علي لهر خطاب ڪندي چيو ته اسان لاڙڪاڻي شهر کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪري رهيا آهيون. پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻي پ پ پ قيادت جي هدايتن تحت شهر ۾ صفائي سٿرائي جو ڪم بهتر نموني ٿي رهيو آهي. لائيٽنگ، روڊن رستن جا ڪم به هلي رهيا آهن لاڙڪاڻي کي اڃا به وڌيڪ خوبصورت ۽ صاف سٿرو بنايو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته ميونسپل ملازمن جي پگھارن ۽ پينشنن جا رهيل پئسا ڪليئر ڪيا ويا آهن.

مزید خبریں