گڏيل عرب امارات پاران 15 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻ تي پابندي جو اعلان

دبئي – 19 جون (اي پي پي) گڏيل عرب امارات 15 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻ تي پابندي جو اعلان ڪيو آهي. فرانسيسي خابرو ايجنسي اي ايف پي موجب ڪابينا جي قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته سوشل ميڊيا پليٽ فارم کي 15 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي ٺاهيل اڪائونٽس جي نگراني ڪري انهن کي بند ڪرڻو پوندو. انهي قرارداد ۾ اهو …

دبئي – 19 جون (اي پي پي) گڏيل عرب امارات 15 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻ تي پابندي جو اعلان ڪيو آهي. فرانسيسي خابرو ايجنسي اي ايف پي موجب ڪابينا جي قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته سوشل ميڊيا پليٽ فارم کي 15 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي ٺاهيل اڪائونٽس جي نگراني ڪري انهن کي بند ڪرڻو پوندو. انهي قرارداد ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ائين نه ڪرڻ جي صورت ۾ انهن اڪائونٽس کي بلاڪ پڻ ڪري سگهجي ٿو. ان مقصد جي لاءِ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کي 12 مهينن جي عبوري مهلت ڏني وئي آهي. ان قرارداد تحت سوشل ميڊيا جي استعمال جي لاءِ عمر جي گهٽ ۾ گهٽ حد 15 سال مقرر ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته 15 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي ذاتي اڪائونٽ ٺاهڻ، استعمال ڪرڻ يا هلائڻ جي اجازت نه هوندي.

مزید خبریں