سعودي عرب ۽ يوراگوئي پاران راندين جي شعبي ۾ سهڪار جي معاهدي تي صحيحون

رياض - 18 جون (اي پي پي) سعودي عرب ۽ يوراگوئي راندين جي شعبي ۾ سهڪار جي هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي راندين واري وزير شهزاده عبدالعزيز بن ترڪي ۽ يوراگوئي جي نيشنل سپورٽس سيڪريٽري آمريڪا ۾ مفاهمت جي معاهدن تي صحيحون ڪيون. معاهدي تي صحيحن جي تقريب ۾ يوراگوئي جو پرڏيهي وزير ماريو لوبيٽڪن به موجود هو. اهو معاهدو مهارت، ٽيڪنالوجي ۽ ڄاڻ جي …

رياض – 18 جون (اي پي پي) سعودي عرب ۽ يوراگوئي راندين جي شعبي ۾ سهڪار جي هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي راندين واري وزير شهزاده عبدالعزيز بن ترڪي ۽ يوراگوئي جي نيشنل سپورٽس سيڪريٽري آمريڪا ۾ مفاهمت جي معاهدن تي صحيحون ڪيون. معاهدي تي صحيحن جي تقريب ۾ يوراگوئي جو پرڏيهي وزير ماريو لوبيٽڪن به موجود هو. اهو معاهدو مهارت، ٽيڪنالوجي ۽ ڄاڻ جي ڏي وٺ سان سپورٽس ميڊسن، اينٽي ڊوپنگ قدمن ۽ پيرا اولمپڪ سپورٽس ۾ سهڪار کي هٿي ڏيندو. ان شعبي جي ترقي قومي هدف مطابق علائقائي ۽ عالمي سپورٽس ادارن سان شراڪتداري کي مضبوط بڻائڻ لاءِ وزارت جي ويزن ۽ مقصد جو هڪ حصو آهي.

مزید خبریں