جرمني ۾ رياضيءَ جو سڀ کان وڏو مقابلو، شام سان تعلق رکندڙ نوجوان پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي

برلن - 18 جون (اي پي پي) جرمني ۾ رهندڙ 16 سالن جي شامي شاگرد بلال ڪريدي ”ميٽميٽيڪل ڪينگرو“ مقابلي ۾ قومي سطح تي پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو مقابلو دنيا جو سڀ کان وڏن رياضيءَ جي مقابلن مان هڪ آهي، جنهن ۾ سڄي ملڪ جي 12 هزار 600 کان وڌيڪ اسڪلون جي 8 لک 81 هزار کان وڌيڪ شاگردن حصو ورتو. اها ڪاميابي صرف …

برلن – 18 جون (اي پي پي) جرمني ۾ رهندڙ 16 سالن جي شامي شاگرد بلال ڪريدي ”ميٽميٽيڪل ڪينگرو“ مقابلي ۾ قومي سطح تي پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو مقابلو دنيا جو سڀ کان وڏن رياضيءَ جي مقابلن مان هڪ آهي، جنهن ۾ سڄي ملڪ جي 12 هزار 600 کان وڌيڪ اسڪلون جي 8 لک 81 هزار کان وڌيڪ شاگردن حصو ورتو. اها ڪاميابي صرف اسٽيج تائين محدود ناهي رهي. بلال ان کان پوءِ هڪ تعليمي ٽڪ ٽاڪ چينل شروع ڪيو آهي، جتي هو پنجين ڪلاس کان وٺي اعلى ثانوي سطح تائين رياضيءَ جا آسان سبق پوسٽ ڪري ٿو ۽ اهو چينل انهن شاگردن ۾ گهڻو مقبول ٿي ويو آهي جيڪي رياضيءَ ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيندا آهن. ميٽميٽيڪل ڪينگروز، هر سال 100 کان وڌيڪ ملڪن ۾ منعقد ٿيندو آهي ۽ اٽڪل 60 لک شرڪت ڪندڙن کي پنهنجي طرف ڌيان ڏياريندو آهي. ان جو مقصد شاگردن ۾ رياضيءَ جي شوق کي وڌائڻ ۽ منطقي سوچ ۽ مسئلن جي حل ڪرڻ جي صلاحيت کي هٿي ڏيڻ آهي.

مزید خبریں