روس ۾ ننڍو جهاز ڪري تباهه، 2 ڄڻا اجل جو شڪار

ماسڪو - 18 جون (اي پي پي) روس جي ماسڪو ريجن ۾ واقع ۽ ويخريوو ايئر فيلڊ تي ننڍو جهاز ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا مطابق علائقائي هنگامي سروسز ٻڌايو آهي ته اهو حادثو ضلعي سيگيئف پوساد ۾ ان وقت پيش آيو جڏهن جهاز لينڊنگ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. جنهن جي نتيجي ۾ جهاز ۾ سوار ٻئي …

ماسڪو – 18 جون (اي پي پي) روس جي ماسڪو ريجن ۾ واقع ۽ ويخريوو ايئر فيلڊ تي ننڍو جهاز ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا مطابق علائقائي هنگامي سروسز ٻڌايو آهي ته اهو حادثو ضلعي سيگيئف پوساد ۾ ان وقت پيش آيو جڏهن جهاز لينڊنگ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. جنهن جي نتيجي ۾ جهاز ۾ سوار ٻئي ڄڻا موقعي تي ئي اجل جو شڪار ٿي ويا، جڏهن ته زمين تي موجود ڪنهن شخص جي زخمي ٿيڻ جو ڪو اطلاع ناهي مليو. حادثي جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ جاري آهي.

مزید خبریں