گڏيل قومُون- 18 جون (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ زور ڏنو آهي ته امن ڳالهين ۽ تڪرار جي حل جي عملن ۾ عورتن جي شموليت کي علامتي نمائندگي تائين محدود رکڻ بدران موثر، بامعني ۽ مستقل بڻايو وڃي، ڇوته عورتن کانسواءِ قائم ٿيندڙ امن پائيدار نٿو ٿي سگهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير عاصم افتخار احمد، عورتن، امن ۽ سلامتي جي موضوع …
پاڪستان پاران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ ه امن ڳالهين ۽ تڪرار جي حل جي عملن ۾ عورتن جي شموليت کي علامتي نمائندگي تائين محدود رکڻ بدران موثر، بامعني ۽ مستقل بڻائڻ جي ضرورت تي زور

مزید خبریں
گڏيل قومُون- 18 جون (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ زور ڏنو آهي ته امن ڳالهين ۽ تڪرار جي حل جي عملن ۾ عورتن جي شموليت کي علامتي نمائندگي تائين محدود رکڻ بدران موثر، بامعني ۽ مستقل بڻايو وڃي، ڇوته عورتن کانسواءِ قائم ٿيندڙ امن پائيدار نٿو ٿي سگهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير عاصم افتخار احمد، عورتن، امن ۽ سلامتي جي موضوع تي سلامتي ڪائونسل جي بحث کي خطاب ڪندي چيو ته پائيدار امن لاءِ عورتن جي ڏاهپ، قيادت ۽ عملي تجربن کي فيصلاسازي جي هر مرحلي ۾ شامل ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته عورتن کانسواءِ قائم ٿيندڙ امن ڪمزور بنيادن تي بيٺل هُوندو آهي. هن چيو ته عورتن جي شموليت سان ڪيل امن معاهدا مقامي آبادي جي ضرورتن سان وڌيڪ هم آهنگ هُوندا آهن ۽ ڊگهي مدي تائين برقرار رهڻ جا امڪان پڻ وڌيڪ هُوندا آهن. سفير عاصم افتخار احمد چيو ته عورتن جي شموليت سماجي هم آهنگي، تعليم، صحت، روزگار، انصاف، مفاهمت ۽ شهرين جي تحفظ جهڙن اهم شعبن کي ڳالهين جو حصو بڻائي ٿي، جنهن کانسواءِ حقيقي ۽ پائيدار امن ممڪن نه آهي.










