وفاقي وزير قيصر احمد شيخ پاران ملڪي معيشت جي 3.5 سيڪڙو اؤسر جي شرح تي اطمينان جو اظهار

اسلام آباد- 17 جون (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ملڪي معيشت جي موجوده 3.5 سيڪڙو اؤسر جي شرح کي هڪ هاڪاري ۽ سٺو سنوڻ قرار ڏيندي چيو آهي ته ڏُکين حالتن ۾ معاشي استحڪام ۽ دفاعي محاذن خاص ڪري ماضيءَ ۾ ڀارتي اڳرائي جي مُنهن ٽوڙ جواب ۽ ايران - آمريڪا ڇڪتاڻ دوران پاڪستان جي شاندار سفارتي ۽ دفاعي ڪردار کي پوري قوم ۽ …

اسلام آباد- 17 جون (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ملڪي معيشت جي موجوده 3.5 سيڪڙو اؤسر جي شرح کي هڪ هاڪاري ۽ سٺو سنوڻ قرار ڏيندي چيو آهي ته ڏُکين حالتن ۾ معاشي استحڪام ۽ دفاعي محاذن خاص ڪري ماضيءَ ۾ ڀارتي اڳرائي جي مُنهن ٽوڙ جواب ۽ ايران – آمريڪا ڇڪتاڻ دوران پاڪستان جي شاندار سفارتي ۽ دفاعي ڪردار کي پوري قوم ۽ ادارن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. قومي اسيمبليءَ ۾ بجيٽ تي جاري بحث ۾ حصو وٺندي وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته جڏهن به پاڪستان قوم طور گڏجي ڪم ڪيو، دنيا اسان جي ڪردار کي تسليم ڪيو ۽ موجوده معاشي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ان ئي قومي يڪجهتيءَ جي سخت ضرورت آهي. وفاقي وزير ملڪي معيشت جي ڊگهي مُدي واري ترقيءَ کي پارليامينٽ جي ميمبرن آڏو حقيقتن تي ٻَڌل هڪ جامع تجزيو پيش ڪيو. هن چيو ته سمورين سياسي پارٽين جا اڳواڻ مخلص آهن پر سياسي ڇڪتاڻ سبب اسان معاشي تسلسل برقرار نه رکي سگهيا آهيون. هن ياد ڏياريو ته 1972ع ۾ جڏهن هو چين ويو هو ته اتي ڪا پرائيويٽ گاڏي يا انٽرنيشنل ايئر لائن نه هئي پر اڄ چين 80 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. هن اپيل ڪئي ته سياسي پارٽيون هڪٻئي تي تنقيد ڪرڻ بدران ميثاقِ جمهوريت تي عمل ڪن. هن چيو ته ملڪ جو 60 سيڪڙو حصو نوجوانن تي ٻَڌل آهي، جيڪي معاشي ترقيءَ جو انجڻ بڻجي سگهن ٿا، شرط آهي ته کين روايتي طريقن بدران جديد ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ هنرمنداڻي تربيت فراهم ڪئي وڃي. هن اعتراف ڪيو ته هن وقت بورڊ آف انويسٽمينٽ ۾ هو انهن قانونن کي تبديل ڪري رهيا آهيون جن ملڪي ترقيءَ کي روڪي رکيو هو. هن چيو ته پاڪستان ۾ هڪ نئون ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ 30 کان 40 کاتن مان اين او سي ۽ اجازت وٺڻي پوي ٿي، جيڪا سيڙپڪاري جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهي، هاڻ ان ريگيوليٽري پابندين کي ختم ڪري ڪاروباري ماحول کي آسان بڻائي رهيا آهيون. وفاقي وزير واضح ڪيو ته صرف پرڏيهي ناڻي تي ڀاڙڻ عزتِ نفس قائم نٿي رکي سگهجي، ملڪ جي اصل ترقي ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار ۽ آبادگارن سان جُڙيل آهي، جيستائين ننڍي طبقي کي اڳتي وڌڻ جو موقعو ۽ روزگار نه ملندو غربت جي شرح جيڪا 22 سيڪڙو مان وڌي 29 سيڪڙو ٿي چڪي آهي، ان ۾ گهٽتائي آڻڻ ممڪن ناهي.