سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سان پشتونخوا نيشنل عوامي پارٽي جي وفد جي ملاقات

اسلام آباد- 17 جون (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان سان پشتونخوا نيشنل عوامي پارٽي (پي اين اي پي) جي مرڪزي چيئرمين خوشحال خان ڪاڪڙ جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان موجب ڊپٽي چيئرمين سان قومي اسيمبلي ميمبر عادل خان بزئي ۽ اڳوڻي وفاقي وزير غالب خان به ڌار ڌار ملاقات ڪئي. ملاقاتن دوران خطي جي موجوده صورتحال، سياسي هم …

اسلام آباد- 17 جون (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان سان پشتونخوا نيشنل عوامي پارٽي (پي اين اي پي) جي مرڪزي چيئرمين خوشحال خان ڪاڪڙ جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان موجب ڊپٽي چيئرمين سان قومي اسيمبلي ميمبر عادل خان بزئي ۽ اڳوڻي وفاقي وزير غالب خان به ڌار ڌار ملاقات ڪئي. ملاقاتن دوران خطي جي موجوده صورتحال، سياسي هم آهنگي، قومي يڪجهتي، بلوچستان جي ترقي ۽ اهم معاشي ترجيحن بابت معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ڊپٽي چيئرمين اُڀرندڙ علائقائي ۽ عالمي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ تعميري ڳالهين ۽ جمهوري عمل جي اهميت تي زور ڀريو. آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري سفارتي ڪوششن جو حوالو ڏيندي هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪنهن به امڪاني مفاهمت يا معاهدي سان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ معاشي اعتماد کي هٿي ملندي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته تڪرارن جي حل ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائيءَ لاءِ سفارتڪاري ئي اثرائتو رستو آهي. هن ڏُکين حالتن ۾ قومي مفادن جي تحفظ، داخلي ۽ علائقائي استحڪام کي برقرار رکڻ ۾ پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت جي ڪردار کي ساراهيو. هن قومي يڪجهتي، اداره جاتي هم آهنگي ۽ ملڪ ۾ امن، خوشحالي ۽ پائيدار ترقيءَ لاءِ اجتماعي حڪمتِ عملي جي ضرورت تي زور ڀريو. هن بلوچستان ۾ تيز رفتار ترقيءَ جي فوري ضرورت تي زور ڀريندي بنيادي ڍانچي، تعليم، صحت، روزگار جي موقعن ۽ عوامي سهولتن تائين بهتر پهچ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته وفاقي حڪومت بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ هدفي ترقياتي رٿائن، عوامي سيڙپڪاري ۾ واڌ ۽ پُراڻي سماجي ۽ معاشي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جامع پاليسين تي عمل ڪري رهي آهي. وفد ڊپٽي چيئرمين جي قومي، علائقائي ۽ معاشي معاملن بابت متوازن ۽ ڏور رس خيالن کي ساراهيو.

مزید خبریں